تازا ترين
  • *سپريم ڪورٽ ۾ شهباز شريف خلاف مني لاندرنگ ڪيس، شريڪ جوابدارن جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار فضل داد عباسي ۽ شعيب قمر جي ضمانت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي *سپريم ڪورٽ ٻنهي جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا *ٻنهي جوابدارن تي شهباز شريف لاءِ سهولتڪاري ۽ مني لانڊرنگ جو الزام آهي*
  • *روشن سنڌ منصوبو ڪرپشن ڪيس: سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نيب اسلام آباد آڏو پيش *نيب ٽيم طرفان جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس جي حوالي سان به وڏي وزير کان پُڇاڳاڇا * نيب طرفان وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو سوالنامو پيش ڪيو ويو *
  • *فيض گنج ۾ پيٽرول پمپ مالڪن حڪومتي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو، وڌيڪ اگهه تي پيٽرول جو وڪرو *پمپ مالڪن پاران پيٽرول جو في ليٽر 77 کان 78 روپيا ۾ وڪرو،عوام سخت پريشان *
  • *تنگواڻي ۾ پئٽرول سستو ٿيڻ بعد پيٽرول پمپ بند *پئٽرول نه ملڻ سبب صارفين سخت پريشاني جو شڪار *
  • *ملڪ ۾ پيٽرول سستو ٿيڻ کانپوءِ بحران پيدا ٿي ويو، ڪراچي سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ پيٽرول پمپ بند، عوام پريشان*
  • *چونڊڪو ۾ رولو ڪتن نينگري کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *10ورهين جي ثمينا ڌي گلاب خاصخيلي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *نارو ۾ ٽن مهينن دوران ڪتن جي ڏاڙهيلن جو انگ500 ٿي ويو *
  • *بخشاپور ويجهو نوجوان کي رولو ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏي *ڳوٺ محمد نواز چاچڙ واسي 24ورهين جي محراب علي چاچڙ کي رولو ڪتن ڏاڙهي وڌو *
  • *جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول ڀائرن جا پڪا چنا وٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو*
  • *پڪا چنا ڀرسان عورتن جي جهيڙي بعد جوابدارن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن کي قتل ڪيو هو*
  • *سيوهڻ ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ڪيل 2 ڀائرن جي جنازي نماز ادا، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو*

خيرپور ميونسپل ڪاميٽي جي بجيٽ غلط انگن اکرن سبب ٻيهر رد: ڪرپشن جا الزام

74 ڪروڙ 36 لک 19 هزار 365 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي: ساڍا 73 ڪروڙ خرچ ڏيکاريو ويو

خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور تعلقي ميونسپل ڪاميٽي جي سالياني بجيٽ غلط انگ اکرن سبب ٻيو ڀيرو به پاس نه ٿي سگهي.ڪائونسلرن جي ميونسپل انتظاميا تي تنقيد، ان ڏس ۾ ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي 4 مهينا دير سان پيش ڪيل بجيٽ انگن اکرن ۾ غلطين سبب ٻيو ڀيرو به پاس نه ٿي سگهي، 74 ڪروڙ 36 لک 19 هزار 365 رپين واري بجيٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ 73 ڪروڙ 67 لک 46 هزار 890 رپياخرچ ڏيکاريو ويو، جڏهن ته 68 لک 72 هزار 475 رپيا بچت ڏيکاري وئي آهي. ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جو بجيٽ اجلاس وقتي چيئرمين ڊاڪٽر يار محمد ڦلپوٽو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مالي سال 20-2019ع جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، جيڪا انگ اکر صحيح نه هجڻ ڪري پاس نه ٿي سگهي ۽ بجيٽ ۾ درستگي ۽ منظوري لاءِ اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو. پيش ڪيل بجيٽ دستاويز ۾ ميونسپل ڪميٽي خيرپور مڪمل ٿي ويل مالي سالن 18-2017 ۽ 19-2018ع جي روائيزڊ بجيٽ به منظوري لاءِ پيش ڪئي. بجيٽ جي انگن اکرن ۽ خرچن تي ميونسپل ڪميٽي خيرپور جي ميمبرن عبدالوهاب سومرو، منظور شيخ، شنڪر لال، احمد شيخ، بابو فضل ڪريم پٺاڻ، سيد علي مدد شاهه، غلام حسين مغل، جمن سهتو، عنايت علي ڏهوٽ، سعيد ابڙو، عبدالستار منگي، ارباب جانوري، محمد شريف، وجيهه حيدر، محمدعلي انصاري، مسمات سلميٰ، مسمات رفعت، حاجي انور ۽ ٻين چيو ته ميونسپل ڪاميٽيءَ جو عملو رڪوريءَ مان پئسا چورائي رهيو آهي، شهر ۾ ٽيڪس جي مد ۾ وڏي رقم رڪور ٿيڻ گهرجي، پر عملو اها رقم هڙپ ڪري وڃي ٿو ۽ اهي پئسا ميونسپل ڪميٽي جي اڪائونٽ ۾ به نٿا وڃن.

Bookmark the permalink.