تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

خيرپور لڳ عورت تي مڙس جو تشدد، ڪارنهن ملي تذليل، وار ڪترڻ جي ڪوشش

خيرپور (رپورٽر) خيرپور لڳ مل ڪالوني ۾ ٽن ٻارن جي ماءُ مٿان مڙس جو تشدد، منهن تي ڪارنهن مَلي تذليل، مٿي جا وار ڪترڻ جي ڪوشش، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو، متاثر عورت جو ماءُ سان گڏ احتجاج، انصاف جي گهر. خبر موجب خيرپور ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مل ڪالوني جي رهواسڻ ٽن ٻارن جي ماءُ مسمات صنم زال وحيد ٽالپور پنهنجي والده سان گڏ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته منهنجي شاديءَ کي ست سال ٿي ويا آهن، منهنجو مڙس ظالم قسم جو ماڻهو آهي جيڪو ڳالهه ڳالهه تي مون مٿان تشدد ڪندو رهندو آهي، پر مان پنهنجي معصوم ٻارن جي ڪري هميشه خاموش رهيس پر گذريل ڏينهن هن مون مٿان سخت تشدد ڪيو، وارن کان گِهلي مارڪٽ ڪئي ۽ منهنجي منهن تي ڪارنهن ملڻ سان گڏ منهنجا وار ڪترڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو عمل برداشت جوڳو نه هو. هن چيو ته ٿاڻي تي دانهن کڻي ويس ته پوليس منهنجي مڙس کي گرفتار ڪري بعد ۾ کانئس رشوت وٺي کيس آزاد ڪري ڇڏيو. هن ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي منهنجي مڙس خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ مون سان انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.