تازا ترين
  • *ملير ويجهو ناردرن باءِ پاس ويجهو همدرد يونيورسٽي وٽان گوليون لڳل لاش هٿ *لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *مدئجي پوليس جي شرن جي وانڍ تي چڙهائي،گهر گهر تلاشي بعد 2 ڄڻا گرفتار *جوابدار مهراب شر جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي،ڪا به گرفتاري نه ڪئي آهي:پوليس * پوليس ٻن ڄڻن کي کنڀي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 11 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺافوتين جو انگ 6 هزار 806 ٿي ويو *24ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 807 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 3 لک 32 هزار 993 ٿي ويو*

خيرپور لاڙڪاڻو پل تي ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، پي ۽ ڌيءُ زخمي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )لاڙڪاڻي جي ويجهو خير پور پل تي ٻن موٽر سائيڪلن وچ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي م پيءُ ۽ ڌيءَ زخمي ٿي پيا جن کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽر پاران زخمين جو علاج ڪيو ويو آهي جڏهن ته زخمين ۾ 35 ورهين جو جمال الدين ناريجو، سندس جي 5 ورهين جي نياڻي عذرا ناريجو زخمي ٿي پئي.ان موقعي تي زخمي جمال الدين ناريجو ٻڌايو ته هو نئوديرو مائٽن کان پنهنجي گهر خير پور ميرس واپس وڃي رهيا هئاسين ته پل وٽ حادثو پيش آيو آهي. هوڏانهن ڊاڪٽرن پاران حادثي ۾ زخمي نينگري ۽ سندس جي پيءُ کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد روانو ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.