تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

خيرپور- لاڙڪاڻو روڊ تي هانءُ ڏاريندڙ حادثو، نصير آباد واسي 4 ڄڻا فوت، 2 زخمي

گمبٽ/نصيرآباد/ رپڙي (نمائندن وٽان )خيرپور لاڙڪاڻو روڊ تي هاءُ ڏاريندڙ واقعو پيش، خيرپور لاڙڪاڻو روڊ تي ستابو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار ۽ ڊمپر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نصيرآباد واسي 4 ڄڻا فوت، زخمين ۽ فوتين جا لاش گمبٽ اسپتال منتقل ڪيا. 4 ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد وارثن حوالي ڪيا، فوتين جي گھرن ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻن زخمين کي علاج ڏنو پيو وڃي خبر موجب خيرپور لاڙڪاڻو روڊ تي هاءُ ڏاريندڙ حادثو پيش خيرپور کان ڳوٺ نصيرآباد ويندي خيرپور لاڙڪاڻو روڊ تي ستابو اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار ڊمپر سان ٽڪر ٿي پيو،. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو پوليس اهلڪار عبدالغفار عباسي ٿڏي تي فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا. جن کي ڳوٺاڻا ايمبولنس ذريعي کڻائي گمبٽ اسپتال پهتا، جتي ٽي نوجوان نصير آباد واسي آصف علي ڀٽي، نجم الدين ڀٽو، مولابخش زخمين جا سور نه سهندي اسپتال ۾ دم ڏنو. جڏهن ته ٻن ڄڻن جو علاج هلندڙ آهي. ان موقعي تي ايس ايچ او بهارو ٻڌايو ته ڪار سوار خيرپور کان نصيرآباد وڃي رهيا ته بهارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ستابو وٽ تيز رفتار ڪار ۽ ڊمپر ۾ ٽڪر ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا آصف علي ڀٽي، نجم الدين ڀٽو،عبدالغفار عباسي ۽ سڌير ڀٽي فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ٻه ڄڻا ڪفايت ڀٽي ۽ امجد ڀٽي زخمي ٿي پيا آهن جن کي کڻائي اسپتال پهچايو آهي جتي زخمين جو علاج هلندڙ آهي. آخري اطلاعن تائين حادثي جو ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو. پوليس موجب ڊمپر ڊرائيور ڪلينر سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ڊمپر کي پوليس پنهنجي تحويل ورتو آهي. وڌيڪ جاچ ڪريون پيا. هوڏانهن اسپتال ۾ پيل 4 ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. فوتين جي وارثن نوجوانن جي فوت ٿيڻ جي خبر پوندي ئي ڪهرام مچي ويو ۽ سندن گھر ڀاتين کي بيهوشي جا دورا پوندا رهيا. هوڏانهن اسپتال ۾ موجود ڊيوٽي ڊاڪٽرن ٻڌايو ٻن زخمين ڪفايت ڀٽي ۽ امجد ڀٽي جي طعيبت بهتر آهي سندن جي زندگي کي ڪو به خطرو نه آهي. وڌيڪ علاج ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف معلوم ٿيو آھي حادثي م فوت ٿيل آصف علي ڀٽي کان ڪجھ ڏينھن پھريان دادو ضلعي جي خيرپورناٿن شاہ شھر ٻاھران ڦورو CD70 موٽر سائیڪل ڦر ڪري ھيا ڪالھ اھا موٽر سائیڪل راڄوڻي طريقي سان خيرپور ضلعي مان موٽرائڻ لاء وڃي رھيا ھيا تہ سندن سان ٽنڊو مستي وٽ نيشنل ھاء وي روڊ تي اھو جيء جھوريندڙ واقعو پيش آيو ھيو.

Bookmark the permalink.