تازا ترين
  • *ڪوئيٽا: ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جا ڪيس وڌي رهيا آهن: وزيراعظم *ڪورونا کان بچڻ لاءِ بلوچستان حڪومت اثرائتا قدم کڻي رهي آهي: عمران خان * مختلف ملڪن ۾ هن وقت لاڪ ڊائون ختم ٿي رهيو آهي: عمران خان *
  • *اسلام ڪوٽ ويجهو نوجوان ناري جو مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ *ڳوٺ چوٿيو ڪولهي واسڻ ناري آنٻو زال موهن ڪولهي جو جهنگ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش مليو *لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسلام ڪوٽ منتقل، ناري اولاد نه ٿيڻ سبب پريشان هئي، پن لاهڻ جو بهانو ڪري جهنگ ۾ آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث *
  • *پنوعاقل لڳ ڪچي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، پوليس ڪارروائي ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو *ڳوٺ بکو مهر ۾ ميلائو مهر پنهنجي ڌيءَ واجده کي اياز عرف اجو مهر سان ڪاري قرار ڏيئي قتل ڪري ڇڏيو *مقتولا جي ڀاءُ ادريس مهر کي گرفتار ڪري لاش اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي: ايس ايڇ او رضا ڳوٺ *
  • *ميرواهه گورچاڻي ۾ هاري گهرواري ۽ ماءُ تي زميندار جي تشدد خلاف ٿاڻي تي پهچي ويو *ڳوٺ کنڀڙي واسي هاري موهن ڪولهي زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي خلاف پوليس وٽ دانهيو *زميندار اڪبر خاصخيلي جي پٽ حبدار خاصخيلي قرض نه ڏيڻ تان منهنجي گهرواري ۽ ماءُ تي تشدد ڪيو: موهن ڪولهي *پوليس هاري کي تشدد جي تصديق لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ميرواهه گورچاڻي جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو *
  • *پاڪستان کي ڪورونا وائرس جو علاج ڳولڻ وارن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو * آمريڪي صحت کاتي جي دوائن واري لائبريري ايوب ميڊيڪل ڪمپليڪس ايبٽ آباد جي ٽيم کي اهل قرار ڏنو *25 مريضن جا 3 گروپ ٺاهي انهن تي ايٿرو مائيسين، ڪلورو ڪوئين ۽ روايتي طريقي سان علاج ڪيو ويندو:ڊاڪٽر عمر فاروق *
  • *ڪورونا وائرس بابت ٽوئيٽر تي 60 سيڪڙو ڄاڻ غلط شيئر ٿي رهي آهي:رپورٽ*
  • *ميرپورماٿيلو ڀرسان گهر ٻاهران راند ڪندي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت*
  • *لاڙڪاڻي ماڻ ٻيهر کنڀي گم ڪيل پروفيسر غلام شبير ڪلهوڙو 9 مهينن بعد آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *سکر جي قرنطينه ۾ وڌيڪ 56 مريض صحتياب ٿيا آهن، ٻيهر ٽيسٽ ڪليئر اچڻ بعد کين گهر موڪليو ويو آهي: صوبائي وزير*
  • *لاڪ ڊائون سبب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ راشن نه ملڻ خلاف پورهيتن طرفان احتجاجي مظاهرا*
  • *افغان حڪومت 100 طالبان قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو *گهٽ خطري وارن سئو قيدين کي آزاد ڪيو پيو وڃي:افغان حڪومت *
  • *سڄي سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ 18 ڏينهن به جاري، شاپنگ مالز، ننڍيون وڏيون مارڪيٽون توڙي پبلڪ ٽرانسورٽ مڪمل طور بند*
  • *پاڪستاني فوج فوري جوابي ڪارروائي ڪندي ڀارتي ڊرون کي نشانو بڻائي هيٺ ڪرايو:آءِ ايس پي آر*
  • *ڀارت سرحدي ڀڃڪڙي کان نه مڙيو، پاڪ فوج لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي ڊرون کي تباهه ڪري ڇڏيو*
  • *خانپور جي ڪچي ۾ جوابدار ڪارنهن تهمت هيٺ پنهنجي زال ۽ پاڙيسري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو*

خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ماڪڙ جو وونڻن تي حملو، پن، ڏانڊي ۽ گونچ کائڻ لڳي، فصل تباهه، آبادگار پريشان

ماڪڙ ٺري ميرواهه، ڪوٽڏيجي ۽ ٻين علائقن ۾ به پهچي وئي، وونڻن تي حملو

ماڪڙ ڪمند، ڪڻڪ کي به کائي سگهي ٿي، ٽيمون اماڻيون وڃن: آبادگار

فقير آباد (رپورٽ: اظهر جسڪاڻي) ناري تعلقي کانپوءِ خيرپور ضلعي جي ٻين علائقن ۾ به ماڪڙ جو حملو، وونڻن جو فصل کائڻ لڳي، آبادگارن کي شديد نقصان جو انديشو. خبر موجب ناري تعلقي کانپوءِ ماڪڙ خيرپور ضلعي جي ٺري ميرواهه، ڪوٽڏيجي ۽ ٻين علائقن ۾ وونڻن جي فصل تي حملو ڪري اڳتي وڌي رهي آهي، جنهن ڪري آبادگار سخت پريشان ٿي ويا آهن. آبادگارن ٻڌايو ته ماڪڙ وونڻن جي هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تي حملو ڪيو آهي. هنن چيو ته ماڪڙ وونڻن جي فصل جا پن، ڏانڍي ۽ خاص طور گونچ کائي رهي آهي، جنهن سبب فصل مڪمل طور تباهه ٿي رهيوآهي. آبادگار اڳواڻ نثار خاصخيلي چيو ته ماڪڙ ڪپهه جي فصل سميت ڪمند، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن کي به تباهه ڪري سگهي ٿي. هن ٻڌايو ته پهريان ان قسم جي ماڪڙ بلوچستان ۾ حملو ڪيو هو، جتي 5 فيڊرل ٽيمن پهچي جاچ ڪئي ۽ ماڪڙ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن مطالبو ڪيو ته خيرپور ضلعي ۾ به ٽيم موڪلي وونڻن جي فصل تي حملو ڪندڙ ماڪڙ جو خاتمو ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.