تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

خيرپور جي مسجد ۽ درگاهه جي بجلي ڪاٽڻ تي سيپڪو عملدارن خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست

خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي مسجد ۽ درگاهه جي ناظم سيپڪو عملدارن خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ۽ جسٽس عبدالرشيد سومرو جي عدالت ۾ جامع مسجد المدينا جامع عربيا انوار مجتبا ۽ درگاهه فيض مدينا خيرپور جي ناظم اعلي قاري خادم حسين نائچ سيپڪو سکر جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر عبدالغني شيخ، سيپڪو خيرپور جي انجنيئر عبدالستار چنا، ايس ڊي او خيرپور سٽي نقي شاهه، لائين سپرنٽنڊنٽ عبدالحق شيخ ۽ ٻين خلاف آئيني پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي. داخل ڪرايل پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سيپڪو خيرپور جي عملدارن بلا جواز بجلي ڪاٽي، درگاهه ۽ مدرسي ۾ زبردستي ھٿيارن جي زور تي داخل ٿيا ۽ لڳل ايئر ڪنڊيشن کڻائي ويا، ان دوران هنن درگاهه ۽ مدرسي جو تقدس پائمال ڪيو. هن اهو به ڄاڻايو ته بجلي نه هئڻ ڪري مدرسي جو پاڻي بند آهي ۽ فرجن ۾ پيل مدرسي جي طالبن جو کاڌو ۽ سامان خراب ٿيڻ ڪري ھڪ لک رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي.

Bookmark the permalink.