تازا ترين
  • *دادوويجهو جوابدارن ڪهاڙيون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڳهڻو جتوئي ۾ جوابدارن ڪهاڙيون هڻي 35ورهين جي شمشاد جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو * مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال دادو منتقل *حاڪم، مينهون، صدام گل، ڄام جتوئي نوجوان کي قتل ڪيو: مقتول جا وارث*
  • *اُم رباب جي 3 ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ رپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *پوليس اٽالن جو قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي ڪڙو، جهڙتي جاري *پ پ ايم پي اي جي بنگلي تي 2 جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي آهي: پوليس ذريعا *
  • *کهڙا ويجهو نينگر جو ڪمند مان لاش هٿ اچڻ وارو مامرو: ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران راشد اڄڻ جو قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم*
  • *سکر ۾ هوٽل ۽ تندور مالڪن پاران ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال جاري *سکر: ھوٽل ۽ تندور مالڪن ضلعي انتظاميا طرفان 12 روپيا نان وڪرو ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو *سکر: هن مهانگائي جي دور ۾ 12روپيا في نان وڪرو نٿا ڪري سگهون: هوٽل مالڪ*
  • *ڪراچي:ابوالحسن اصفهاني روڊ تي گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر،هڪ ڄڻو فوت *فوت ٿي ويل پاڪ نيوي جو پيٽي آفيسر هو:ريسڪيو *فوت ٿي ويل محمد نواز جي قبضي مان سروس ڪارڊ مليو آهي:ريسڪيو*
  • *لاهور: ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *پراسڪيوشن پاران ڪيپٽن (ر ) صفدر خلاف چالان جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش *ڪيپٽن ( ر) صفدر چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي *
  • *اُم رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس: پوليس جو ميهڙ ۽ قمبر جي جابلو پٽي ۾ آپريشن جاري *قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي پوليس جو ڪڙو، سرچ آپريشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جيسالياني چونڊ اڄ ٿي رهي آهي *صدر جي عهدي لاءِ عاصمه جهانگير گروپ جي عبدالطيف آفريدي ۽ حامد خان گروپ جي اميدوار وچ ۾ مقابلو ٿيندو *سيڪريٽري جي عهدي لاءِ احمد شهزاد رانا ۽ عامر سهيل اميدوار آهن *سموري ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ بار جا 3174 ۽ جاڙن شهرن ۾ 518 ميمبر آهن*

خيرپور جي عدالت پاران ڪوڙي چيڪ جي ڪيس ۾ 3 ڄڻا اشتهاري قرار

خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جي ڪيسن ۾ روپوش ٽن جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي سندن ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ فرسٽ سول جج محمد قابل مهر جي عدالت اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جي ٽن الڳ الڳ ڪيسن ۾ روپوش ڄاڻايل جوابدار پيرڳوٺ جي رهواسي بابر رشيد ولد رشيدالله شاهه، واپڊا ڪالوني خيرپور جي رهواسي علي گل ولد علي ڏنو چانڊيو ۽ سوڀوديرو جي رهواسي مير نعمت علي ولد نور نبي ٽالپر خلاف قلم 87/88 جي ڪاروائي ڪندي کين اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت ٽنهي جوابدارن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ لاءِ خيرپور، سوڀوديرو ۽ ڪنگري جي مختيارڪارن کي ليٽر پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

Bookmark the permalink.