تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

خيرپور جي عدالتن پاران ٻه روپوش جوابدار اشتهاري قرار، عورت سميت 9 ڄڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري

خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور جي عدالتن مختلف ڪيسن ۾ ٻن روپوش جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيندي هڪ عورت سميت 9 ڄڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ فورٿ ايڊيشنل سيشن جج عبدالرحيم چانڊيو جي عدالت احمدپور ٿاڻي تي داخل هڪ عورت جي اغوا جي الزام هيٺ داخل ٿيل ڪيس ۾ روپوش ڄاڻايل جوابدار عبدالصمد ولد محمد يوسف خواجا کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ساڳي عدالت احمدپور ٿاڻي تي داخل ٿيل غير قانوني هٿيار رکڻ واري هڪ ڪيس ۾ جوابدار محمد عرس عرف لاهوتي ولد نواب ناريجو ۽ گمبٽ ٿاڻي جي هڪ ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ٺري ميرواهه جي ڳوٺ سوڍو خاصخيلي جي رهواسڻ مسمات زڪيه خاصخيلي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. هوڏانهن سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج فيض محمد ڀٽي جي عدالت مختلف ڪيسن ۾ جوابدار اشرف ولد محمد بخش ٿيٻو، سڪندر شاهه ولد اسلم شاهه، عبدالغفار ولد محمد ادريس، سعيد غني، اختيار احمد ولد امام الدين نائچ ۽ رائو محمد آصف ولد محمد حنيف راجپوت جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کين هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ٻئي پاسي فورٿ سول جج راجا مشهود حسين قريشي جي عدالت ٽنڊومستي ٿاڻي جي هڪ ڪيس ۾ روپوش ڄاڻائل جوابدار اياز علي ولد عبدالخالق ناريجو کي اشتهاري قرار ڏيندي سندس ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.