تازا ترين
  • *ڪراچي: عيد تي رڳو 10 ارب رپين کان به گهٽ جو ڪاروبار ٿي سگهيو: واپاري اڳواڻ عتيق مير * ڪراچي: هن سال عيد جي موقعي تي رڳو 10 ارب رپين کان به گهٽ جو ڪاروبار ٿي سگهيو * ڪراچي: گذريل سال عيد تي 35 ارب رپين جو ڪاروبار ٿيو هو *
  • *ڪراچي: ترجمان مرتضيٰ وهاب ڪراچي جهاز حادثي ۾ سڙي زخمي ٿيل ٽن گهريلو ملازم نارين واري خبر ٽائيم نيوز تي نشر ٿيڻ جو نوٽيس ورتو * ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضي وهاب پورهيت نارين ناهيدان، مائرا ۽ عزيزان جي سهڪار جي خاطري ڪرائي * ڪراچي: ترجمان مرتضيٰ وهاب ۽ صوبائي وزير ناصر شاهه سڙي زخمي ٿيل ٽن ملازم عورتن جي عيادت ڪري سندن مالي سهائتا ڪندا *
  • *ڪراچي: اوقاف کاتي عيد جي موڪلن کانپوءِ سنڌ جون 3 اهم درگاهون کولڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو * ڪراچي: اوقاف کاتي جا ملازم زائرين کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جا پابند هوندا * ڪراچي: شاهه عبدالطيف ڀٽائي، لعل شھباز قلندر ۽ عبدالله شاهه غازي جون درگاهون زائرين لاءِ کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو *
  • *اسلام آباد: نيب خودمختيار ادارو آهي ۽ اُن اداري ڪڏهن به پنهنجو ڪم بند ناهي ڪيو: وفاقي گهرو وزير اعجاز شاهه * اسلام آباد: جهاز سانحي ۽ ڪورونا سبب عيد سادگي سان ملهائي پئي وڃي: وفاقي گهرو وزير * اسلام آباد: لاڪ ڊائون ۾ نرمي يا سختي جو فيصلو صورتحال کي ڏسندي ڪيو ويندو: اعجاز شاهه *
  • *سکر سول اسپتال جي آئسوليشن وارڊ ۾ ڪورونا جي شڪي عورت فوت *52 ورهين جي عورت کي ڪورونا جي شڪ سبب آئسوليٽ ڪيو ويو هو*
  • *عمرڪوٽ ڀرسان چنگچي رڪشا جي ٽڪر ۾ نينگر نصير ڪلر چيڀاٽجي فوت *هيرآباد اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام*
  • *لاڙڪاڻو: مختلف علائقن ۾ ڪتن 2 ٻارڙن سميت 6 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو *لاڙڪاڻو: 6 ڏينهن ۾ ڪتن جي ڏاڙھيل ماڻهن جو انگ وڌي 50 ٿي ويو*
  • *پنجاب جي راجنپور واري علائقي مان 3 پوليس اهلڪار اغوا، پوليس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو*
  • *سنڌ ۾ آپگهات وارن واقعن ۾گهٽتائي نه آئي، ٽنڊو باگو ڀرسان 2 عورتن زهريلي دوا پي ڇڏي، حالت ڳڻتي جوڳي*
  • *واهي پانڌي: مستوئي پاڙي ۾ پورهيت عيسيٰ سومرو جي گهر کي باهه لڳي وئي *گهر مڪمل طور سڙي ويو، رڳو جانيون بچائي نڪتا آهيون، مالي سهائتا ڪئي وڃي:متاثر*
  • *چڪ: جتوئي برادري ۾ تڪرار تان جهيڙو، ڌنار مرڻينگ *هڪ ڌر ڌنار کي زخمي ڪرڻ کانپوءِ 12 مينهون ڪاهي وئي*
  • *ڪراچي: برنس روڊ ۾ اي سي ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل 4 ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو*
  • *ٺڪراٺو ڀرسان جوڻاس مائينر کي آرڊي 9 وٽان 20 فوٽ گهارو، فصل پاڻي هيٺ *اطلاع باوجود آبپاشي عملدار نه پهتا، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارو بند ڪرڻ ۾ رڌل*
  • *ٽنڊو باگو ڀرسان ناري زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *پکو ڀرسان نوجوان سيد خالد حسين فائرنگ ۾ مرڻينگ، چانڊڪا اسپتال منتقل *نوجوان تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربند فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا *معاملو سيد برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پُراڻي تڪرار جو نتيجو آهي: پوليس *

خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون به “نالو وڏو- ديهه ويران” نڪتو: 8 سالن ۾ رڳو 4 ڪارخانا: روزگار جي دعويٰ ڌوڙ

مهانگائي ۽ مزدوري وڌڻ جا جواز ڄاڻائي اڪنامڪ زون لاءِ وڌيڪ 50 ڪروڙ گهريا ويا

خيرپور: اسپيشل اڪنامڪ زون جو مک دروازو نظر اچي رهيو آهي

خيرپور( رپورٽ عرفان ڦلپوٽو) خيرپور جو اسپيشل اڪنامڪ زون “نالو وڏو ديهه ويران” نڪتو. 40 ڪمپنين کي صنعتي مقصدن لاءِ 80 پلاٽ الاٽ ڪيا ويا، جڏهن ته صرف چار ڪارخانا لڳي سگهيا، جيڪي پڻ بجلي ۽ گيس نه ملڻ سبب پيداوار ڏيڻ جي قابل ناهن. پوڻا ٻه ارب رپيا خرچ ٿيڻ باوجود 8 سالن دوران خيرپور اڪنامڪ زون صنعتڪارن جو ڌيان ڇڪائي نه سگهيو آهي. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب گذريل 8 سالن دوران اڪنامڪ زون جي ٽي ڀيرا فزيبلٽي ڪاسٽ کي روائيز ڪيو ويو. وڌندڙ مهانگائي ۽ ليبر جي مزدوري وڌڻ سبب زون لاءِ ڪٿيل رقم ناڪافي بڻجي وئي. سنڌ سرڪار پاران وقت سر رقم نه جاري ڪرڻ سبب اڪنامڪ زون جي رٿا مسلسل رولڙن جو شڪار ٿيندي رهي آهي، اڪنامڪ زون کي وڌيڪ 50 ڪروڙ رپين جي ضرورت پئجي وئي آهي. سوئي سدرن گيس ڪمپني پاران زون کي شاهه حسين باءِ پاس بجاءِ سکر مان ڪنيڪشن ڏيڻ ڪري وڌيڪ پئسا گهربل آهن. ٻئي طرف پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر نفيسه شاهه پاران 50 ڪروڙ رپين جي گرانٽ واري سمري منظور ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جيڪي پئسا ملڻ شرط مارچ مهيني تائين اڪنامڪ زون جا چار يونٽ صنعتي پيداوار ڏيڻ شروع ڪندا. جائزي دوران معلوم ٿيو ته چائنا جي سن تانگ ٽيڪنالاجي کانسواءِ ڪابه غير ملڪي ڪمپني ڪارخانو لڳائي نه سگهي. سچل انجنيئرنگ پاران لڳايل ڪولڊ اسٽوريج ۽ کارڪن کي خشڪ ڪرڻ جو يونٽ پڻ بجلي ۽ گيس نه هجڻ سبب فائدو ڏيڻ جي اوسيئڙي ۾ آهي، جڏهن ته نائچ فلورمل پڻ بجلي ۽ گيس جي سهولت ملڻ بعد ئي پيداوار ڏيڻ شروع ڪندي، جڏهن ته اقتدار ڌڻين پاران اڪنامڪ زون ۾ 40 هزار بيروزگارن کي روزگار ڏيڻ جي دعويٰ پڻ ڌُوڙ ٿي وئي آهي. هوڏانهن زون جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر عثمان خالد ٻڌايو ته ڪارخانيدارن کي مقامي ماڻهن کي رکڻ لاءِ پابند بڻايو ويو آهي جن کي تربيت ڏيڻ لاءِ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي خيرپور، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ۽ آءِ بي اي سکر جو ڀرپور سهڪار حاصل آهي. خيرپور انڊسٽريل زون رٿا جي ڪمن کي 14 پيڪيجز ۾ ورهايو ويو آهي. پي ڊي پاران وڌيڪ دعويٰ ڪئي وئي ته زون جو 90 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته زون ۾ صنعتون لڳائيندڙ سرمائيدارن کي اڪنامڪ زون پاران ڀرپور فائدا ۽ سهولتون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ هر صنعتي پلاٽ لاءِ واٽر ڪنيڪشن، سيپڪو کان 5 ميگا واٽ بجلي اسڪيم، سيوريج سسٽم، خارج ٿيندڙ زهريلي مادي ۽ پاڻيءَ لاءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ، گئس ڪنيڪشن، ويئر هائوس، فوڊ سرٽيفڪيشن سينٽر، ڊسپينسري، روڊ رستا شامل آهن.

Bookmark the permalink.