تازا ترين
  • *ڪراچي:احتساب عدالت قومي ناڻي کي 3 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ بابت ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو *احتساب عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مختيار ڪار سوڌو سمورن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي *جوابدارن ۾ مختيار ڪار محمد سالڪ، عبدالعزيز، شاهد، واحد بخش، زمان، شاهد رضا شاهه ۽ لال محمد شامل *جوابدارن تي ملير ضلعي ۾ سرڪاريزمينن تي غير قانوني الاٽمينٽ جو الزام آهي:نيب*
  • *ڏوڪري ويجهو ناري مبينا طوراغوا ٿي وئي، وارثن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج *ڳوٺ جکرا واسين جو 18ورهين جي نوشاد عرف ريما چنو جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو *جوابدار رانجهن منگي ناري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري: مظاهرين*
  • *بهاولنگر: سي ٽي ڊي جي عارف والا روڊ تي ڪارروائي، دهشتگرد گرفتار *ڪارروائي دوران العاعده سان تعلق رکندڙ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو: سي ٽي ڊي *دهشتگرد جي قبضي مان مختلف قسم جو خطرناڪ مواد هٿ ڪيو ويو: سي ٽي ڊي*
  • *سکر: سپيڪو جي ڊائريڪٽر فنانس پاران بجلي چوري ڪرڻ جو انڪشاف *ڊائريڪٽر فنانس سيپڪو جي بنگلي جي بجلي ورھين کان ڊائريڪٽ ھلڻ جو انڪشاف *امداد ميراڻي جي بنگلي ۽ اوطاق ۾ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳل ھئا: ڇاپا مار ٽيم جو انچارج *سيپڪو چيف جي هدايتن تي ڇاپا مار ٽيم جي گهوٽڪي ويجهو بجلي چوري خلاف ڪارروائي*
  • *آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي دفاع واري وزير جي ملاقات: آءِ ايس پي آر *ترڪ دفاع واري وزير علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي: آءِ ايس پي آر *ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي شراڪت داري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: آرمي چيف*
  • *لاهور: ايس ايس پي سيد جنيد ارشد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس *عدالت جوابدار جنيد ارشد کي وڌيڪ 10 نومبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو *جنيد ارشد تي عهدي جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي: نيب*
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

خورشيد شاهه جي فارم هائوس تي قتل جو جرڳو، 25 لک ڏنڊ

پنوعاقل(رپورٽ: نديم بوزدار) صالح پٽ ۾ پيپلزپارٽيءَ اڳواڻ خورشيد شاهه جي ذرعي فارم هائوس تي پنوعاقل واسي رٽائرڊ استاد غلام حيدر ڪلوڙ جي قتل جو جرڳو ٿي گذريو، جنهن ۾ چئن جوابدارن تي 25 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو آهي. غلام مصطفيٰ ابڙو، ڪرم خان مهر ۽ ٺيڪيدار نسيم حيدر شاهه جي سرپئنچي هيٺ ٻه سال اڳ بائجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ادل ڪلوڙ ۾ گھر ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيل رٽائرڊ استاد غلام حيدر ڪلوڙ جي قتل جو جرڳو ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا بيان ٻڌڻ کانپوءِ استاد جي خون بابت جرڳي جي فتوي ٻڌائي وئي، فتويٰ موجب استاد جي قتل الزام هيٺ آيل شبير ڪلوڙ، ممتاز ڪلوڙ سميت چئن جوابدارن تي ساک رکي وئي، چار ئي جوابدار معززن سامهون پاڪ ڪتاب تي ساک ڏئي پنهنجي بي گناهي ثابت ڪندا، ڪنھن ھڪ به ساک نه کئني ته ڏوهي جوابدار 10 لک خرچ سميت 25 لک رپيا خون جو عيوضو ڀريندا ۽ مقتول ڌر وٽ ميڙ پڻ وٺي ويندا، ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪجهه سال اڳ هڪ پٽيشن تي فيصلو جاري ڪندي جرڳن کي قانوني ڏوهه قرار ڏئي انهن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي، جڏهن ته صالح پٽ ٿاڻي جي ايس ايچ او علاءُ الدين ڦلپوٽو جو چوڻ هو ته اسان کي جرڳي بابت ڪو اطلاع ناهي، جاچ ڪنداسين جيڪڏهن جرڳو ٿيو آهي ته جرڳائين خلاف قانوني ڪارروائي ڪنداسين.

Bookmark the permalink.