تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

خورشيد شاهه جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي لاءِ نئين بينچ قائم

سکر(رپورٽر) جسٽس ذوالفقار سانگي جي انڪار بعد خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي نئين بئنچ جوڙي وئي، لاڪ ڊائون سبب وڪيل رضا رباني پيش نه ٿي سگهيو. ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ذوالفقار سانگي جي انڪار بعد آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ گرفتار پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻيءَ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس امجد علي سهتو ۽ جسٽس شمس الدين عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران خورشيد شاهه جو وڪيل رضا رباني لاڪ ڊائون سبب پيش نه ٿي سگهيو، جنهن بعد عدالت مختصر ڪارروائي بعد ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته نيب خورشيد شاهه ۽ سندس گهرڀاتين سميت 18 ڄڻن خلاف هڪ ارب 23 ڪروڙ روپين جو ريفرنس داخل ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.