تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

سنڌ جو خوراڪ کاتو ٻئي ڏينهن بعد نيب جي نشاني تي، لاڙڪاڻي ۽ باڊهه ۾ ڇاپا، 5 گودام سيل ڪيا ويا

نيب سکر جي ٽيم ڇاپا هنيا، لاڙڪاڻي جا 3 ۽ باڊهه جا 2 هڪ گودام سيل، ريڪارڊ ضبط

لاڙڪاڻي جا سيل ڪيل گودام

لاڙڪاڻو/باڊهه(نمائندن وٽان) سنڌ جي خوراڪ کاتي ۾ مبينا ڪرپشن جي شڪايتن تي نيب ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون، ڪشمور ڪنڌڪوٽ کانپوءِ لاڙڪاڻو نشاني تي، ڪڻڪ جون ڪيتريون ئي ٻوريون کُٽل هجڻ سبب 3 گودام سيل، ريڪارڊ ضبط، نيب سکر جي ٽيم لاڙڪاڻي شهر جي علائقن رحمت پور ۽ وڳڻ روڊ تي واقع ٽن گودامن تي ڇاپا هنيا، جنهن دوران ريڪارڊ ۾ موجود ٻورين جو انگ مڪمل نه هجڻ بعد ٽنهي گودامن کي سيل ڪري ريڪارڊ ضبط ڪيو ويو، گودامن وٽ اهلڪارن کي ويهاريو ويو. نيب جي ساڳي ٽيم باڊهه ۾ به ٻن گودامن تي ڇاپا هنيا، جن کي به سيل ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گودامن تان ڪڻڪ جون ڪيتريون ئي ٻوريون غائب هئڻ وارين شڪايتن تي نيب طرفان ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن نيب ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ به گودامن تي ڇاپا هڻي 2 لک ٻوريون غائب هجڻ سبب ڪيترائي گودام سيل ڪري ڇڏيا هئا.

Bookmark the permalink.