تازا ترين
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمانت درخواست تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش*
  • *نوري آباد سانحي جي وڌيڪ ٻن زخمين دم ڏئي ڇڏيو*فوتين جِي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي نمونا وٺڻ بعد لاش ايڌي سرد خاني منتقل*
  • *ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري، فريال ٽالپر، عبدالغني مجيد ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو*

خطرناڪ قرار ڏنل عمارت ۾ شهرين کي رهڻ ڪيئن ڏيون ؟ : هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ خطرناڪ قرار ڏنل عمارتن کي خالي ڪرائڻ خلاف درخواست تي باٿ آءِ لينڊ ۾ پي آءِ ڊي سي جي عمارت کي خالي ڪرڻ بابت عدالتي اسٽي ختم ڪري ڇڏيو، عدالت پاران درخواستگذار کي ايس بي سي اي جي ڪاميٽي سان رابطو ڪرڻ جو حڪم. ڪالهه درخواست جي ٻڌڻي دوران جسٽس شفيع محمد صديقي ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت خطرناڪ قرار ڏنل عمارت ۾ شهرين کي رهڻ جي اجازت ڪيئن ڏئي سگهي ٿي؟ توهان کي پنهنجي زندگي خطري ۾ وجهڻي آهي ته ڀلي وجهو، عدالت جو سهارو نه وٺو. عدالت ڪنهن جي زندگي کي خطري ۾ وجهي نٿي سگهي، جنهن تي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ايس بي سي اي 2016ع ۾ باٿ آءِ لينڊ ۾ پي آءِ ڊي سي جي عمارت کي خطرناڪ قرار ڏنو هو، ڪراچي ۾ هر ٻئي ڏينهن عمارتون ڪري رهيون آهي، ايس بي سي اي خطرناڪ عمارتن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن بعد عدالت درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

Bookmark the permalink.