تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

کاڻوٺ ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ مزدا ۾ خوفناڪ ٽڪر: ٻن عورتن سوڌو 3 ڄڻا فوت: 9 مسافر زخمي

فوتين ۾ ڪراچي واسي ڪُٽنب جون عورتون شامل: زخمي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل

ڄامشورو(رپورٽ: رحمان ميمڻ) انڊس هاءِ وي تي خاڻوٺ ٿاڻي جي حد ۾ علي آباد لڳ مسافر ڪوچ ۽ مزدا ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 3 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي پيا، 9 زخمي. ڪراچيءَ کان شهداد ڪوٽ ويندڙ مسافر ڪوچ ۽ لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ مزدا وچ ۾ علي آباد لڳ زوردار ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ ٻه عورتون ميهڙ واسڻ 50 ورهين جي مسمات شهر بانو زال الهه ڏنو جانوري، ڪراچي واسڻ 45 سالن جي مسمات جنت بروهي ۽ 45 سالن جو نامعلوم شخص فوت ٿي ويا، 9 سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ڪراچي واسي گلاب ولد ٽيڪو مل، خادم حسين بروهي ولد آدم خان، ميهڙ واسي شڪيل احمد ولد الهڏنو جانوري، شهدادڪوٽ جو سونو ولد فتن مل، دلشاد ولد سليمان، ظهور احمد ولد خان محمد، نواب خان، نور احمد ولد شفيع محمد شامل آهن. حادثي جي شڪار ٿيل زخمين کي طبي امداد لاءِ لمس اسپتال ڄامشورو ۽ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي.

Bookmark the permalink.