تازا ترين
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

خانپور ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، 7 گهر ۽ اوطاقون ڊاهي پٽ، رهواسين جو پوليس خلاف احتجاج

پوليس چئن ڪلاڪن تائين آپريشن ڪيو، سڄو سامان کڻي وئي آهي:ڳوٺاڻا

خانپور (ن پ ا) خانپور ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، 7 گهر ۽ اوطاقون ڊاهي پٽ، ڳوٺ فريدجتوئي تي پوليس چڙهائي ڪئي، 7 گهرن ۽ اوطاقن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ رهواسين دانهيندي چيو ته پوليس چئن ڪلاڪن تائين آپريشن ڪيو، سڄو سامان کڻي وئي آهي، اسان جو ڪنهن ڏوهه ۾ هٿ ڪونهي، بيگناهه چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي آهي، ٻئي پاسي ڊي ايس پي خانپور جو چوڻ آهي ته ڪارروائي ڦرلٽ ۽چوري جي ڪيسن ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪئي، ڪا ڀڃ ڊاهه ناهي ڪئي، ڳوٺاڻن کي ڏوهارين جو ساٿ نه ڏيڻ گهرجي، علائقي ۾ بدامني ٿيندي ته ڪارروايون به ٿينديون، ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.