تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

خانپور ڀرسان ٽيپ هلائڻ تان جهيڙو: عورت ۽ 2 سڳا ڀائر قتل

ڳوٺ لال محمد بروهيءَ ۾ بروهي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ خوني جهيڙو ٿيو: 5 کان وڌيڪ زخمي

خانپور (ن پ ا) خانپور ڀرسان وڏي آواز ۾ ٽيپ هلائڻ تان جهيڙي دوران عورت ۽ 2 سڳا ڀائر قتل ٿي ويا. ڳوٺ لال محمد بروهيءَ ۾ بروهي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ وڏي آواز ۾ ٽيپ رڪارڊر هلائڻ تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران هڪٻئي تي هٿيارن آزاداڻواستعمال ڪيو ويو. جهيڙي دوران مسمات بخت بيبي زال جان محمد بروهي، 2 ڀائر بابو ۽ قطب الدين ولد شير خان بروهي قتل ٿي ويا، جڏهن ته پنج کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿي پيا آهن. اطلاع تي پوليس پهتي ۽ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.

Bookmark the permalink.