تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

خانپور ويجھو مبينا مقابلو، ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

خانپور (ن پ ا) خانپور ويجھو پوليس شھزادو لاڙو ڀرسان مبينا مقابلي ۾ ھڪ ڄڻي الھوڌايو خاناڻي جتوئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ هو ته وڏھاري ساٿين سان گڏ شھزادو لاڙو ڀرسان ڦر جي ارادي سان بيٺل ھئو ته مقابلو ٿيو، جنهن دوران هڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻيا فرار ٿي ويا. پوليس موجب زخمي ڏوهاري وٽان ھڪ ٽي ٽي پسٽل ھٿ آيو آھي. پوليس موجب ڏوهاري مختلف 10 کان 12ڪيسن ۾ گھربل آھي. آخري اطلاعن موجب پوليس 3 فرار ٿيل ڏوهارين بائوٿ ڪمالاڻي جتوئي، علي بخش، سعد خاناڻي جتوئي تي 2 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.پوليس موجب ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Bookmark the permalink.