تازا ترين
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

خانپور مهر ۾ 8 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان عبدالله لنڊ پنجاب جي شهر چنيوٽ مان مبينا طور اغوا:پوليس واقعي کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي

مونکي پوليس اغوا ڪري اکين تي پٽيون ٻڌي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو آهي: نوجوان جو وارثن کي اطلاع

عبدالله ڳوٺ جي ناري ليلا لنڊ سان پسند جو پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد ناري جا وارث پويان پيل هيس:سئوٽ

خانپورمھر (ن پ ا)خانپور مهر ۾ 8 سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان عبدالله لنڊ پنجاب جي علائقي چنيوٽ مان مبينا طور اغوا ٿي ويو.نوجوان وارثن کي اطلاع ڏيندي چيو ته کيس پوليس اکيون بند ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو آهي. خانپورمھر پوليس واقعي کان لاتعلقي جو اظھار ڪندي چيو ته پوليس گرفتاري لاءِ پنجاب ناهي وئي. گم ٿيل نوجوان جي سئوٽ موجب عبدالله پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن بعد ناري جا وارث سندس پٺيان پيل هئا. هن خدشو ظاهر ڪندي چيو ته ناري ليلا لنڊ جي وارثن سندس سئوٽ کي اغوا ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.