تازا ترين
  • *سڪرنڊ ۾ آل پارٽيز الائينس جي سڏ تي بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي ريلي *مظاهرين صحافي چوڪ کان ريلي ڪڍي حيسڪو آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو، ڇتي نعريبازي *سڪرنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 16کان18 ڪلاڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي: مظاهرين *
  • *ڪراچي: سهراب ڳوٺ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مبينا مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار *موٽر سائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن ڦر جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهتي: پوليس *مقابلي ۾ زخمي ٿيل ڦورو فيروز اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو: پوليس *
  • *ڪراچي: شرافي ڳوٺ ۾ نجي ڪمپني جي لاڪرز مان چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار *جوابدار لاڪرز ٽوڙي نجي ڪمپني جا 6 لک رپيا چوري ڪيا هئا: پوليس *سي سي ٽي وي فوٽيجز ۾ هڪ جوابدار ڪمپني اندر نظر آيو آهي: پوليس*
  • *رائونتي ۾ ڳوٺاڻن جو بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مختلف ڳوٺن جي رهواسين احتجاجي ريلي ڪڍي اي سي آفيس اوٻاوڙو آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي *ڳوٺن ۾ اسڪول، پڪن روڊن ۽ اسپتال جهڙي جهڙي ڪا به سهولت نه آهي: ڳوٺاڻا*
  • *ڏهرڪي ۾شهرين ۽ استادن جو اسڪول کولرائڻ لاءِ احتجاجي مظاهرو *پريس ڪلب اڳيان ڪيل احتجاج ۾سياسي سماجي ڪارڪن شريڪ *سنڌ جا اسڪول بند ڪري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي: ڄام فتاح سميجو *7 مهينا اسڪول بند رهيا، حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي اسڪول کولرائي: مطالبو*
  • *قمبر ويجهو موٽرسائيڪل ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمي حسين علي، حيات خاتون، سرداران خاتون۽ ياسين چانڊيو کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل لڳ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نينگر ٽرين جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو *نينگر فاروق پٽڙي ڪراس ڪري رهيو هو ته ٽرين ٽڪر هنيو،لاش وارثن حوالي*

خانپور مان گم ٿيل نوجوان جو پتو نه پيو، نوجوان پاڻ لڪائي ڇڏيو: پوليس

خانپورمھر ( ن پ ا)خانپور ويجهو پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان جو پتو نه پيو، وارثن ۾ ڳڻتي واري لهر ڇانيل آهي ان ڏس۾ ته خانپورمھر جي ويراڻي محلي جو رھواسي نوجوان مھيش ڪمار 4 ڏينھن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو، وارثن ۾ ڳڻتي واري لھر ڇانيل آهي، ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته مھيش ڪمار پنھنجي مرضي سان گھران نڪتو آھي ھن چيو ته مھيش ڪمار مختلف ماڻھن کان قرض ورتو جنھن کان بچڻ لاءِ ھن پاڻ کي لڪائي ڇڏيو آھي، ايس ايچ او ٻڌايو ته مھيش ڪمار خانپورمھر نڪرڻ اڳ پنھمجا موبائل فون وڪرو ڪيا ۽ نمبر بند ڪري ڇڏيا ھن چيو ته نوجوان جي وارثن پڻ سندس مرضي مطابق نڪرڻ جا اشارا ڏنا آھن ھوڏانھن اڳوڻو ضلعي چيرمين گھوٽڪي حاجي خان مھر نوجوان جي گھر پھچي وارثن کان معاملي بابت سمورا تفصيل ورتا ۽ وارثن کي يقين ڏياريو ته مسئلو ڪھڙو به ھجي ھن جو ساٿ ھميشه انھن سان رھندو

Bookmark the permalink.