تازا ترين
  • *ڪراچي:احتساب عدالت قومي ناڻي کي 3 ارب رپين جو نقصان پهچائڻ بابت ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو *احتساب عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مختيار ڪار سوڌو سمورن جوابدارن کي 10-10 سال قيد جي سزا ڏئي ڇڏي *جوابدارن ۾ مختيار ڪار محمد سالڪ، عبدالعزيز، شاهد، واحد بخش، زمان، شاهد رضا شاهه ۽ لال محمد شامل *جوابدارن تي ملير ضلعي ۾ سرڪاريزمينن تي غير قانوني الاٽمينٽ جو الزام آهي:نيب*
  • *ڏوڪري ويجهو ناري مبينا طوراغوا ٿي وئي، وارثن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج *ڳوٺ جکرا واسين جو 18ورهين جي نوشاد عرف ريما چنو جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو *جوابدار رانجهن منگي ناري کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويو، پوليس ڪارروائي نٿي ڪري: مظاهرين*
  • *بهاولنگر: سي ٽي ڊي جي عارف والا روڊ تي ڪارروائي، دهشتگرد گرفتار *ڪارروائي دوران العاعده سان تعلق رکندڙ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو ويو: سي ٽي ڊي *دهشتگرد جي قبضي مان مختلف قسم جو خطرناڪ مواد هٿ ڪيو ويو: سي ٽي ڊي*
  • *سکر: سپيڪو جي ڊائريڪٽر فنانس پاران بجلي چوري ڪرڻ جو انڪشاف *ڊائريڪٽر فنانس سيپڪو جي بنگلي جي بجلي ورھين کان ڊائريڪٽ ھلڻ جو انڪشاف *امداد ميراڻي جي بنگلي ۽ اوطاق ۾ ڊائريڪٽ ڪنيڪشن لڳل ھئا: ڇاپا مار ٽيم جو انچارج *سيپڪو چيف جي هدايتن تي ڇاپا مار ٽيم جي گهوٽڪي ويجهو بجلي چوري خلاف ڪارروائي*
  • *آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ترڪي جي دفاع واري وزير جي ملاقات: آءِ ايس پي آر *ترڪ دفاع واري وزير علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي: آءِ ايس پي آر *ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي شراڪت داري ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي: آرمي چيف*
  • *لاهور: ايس ايس پي سيد جنيد ارشد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس *عدالت جوابدار جنيد ارشد کي وڌيڪ 10 نومبر تائين جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو *جنيد ارشد تي عهدي جو ناجائز استعمال ڪرڻ جو الزام آهي: نيب*
  • *ڪراچي ۾ 5 هزار گيلن کان وڌيڪ پاڻي کڻندڙ واٽر ٽينڪرز تي شهر ۾ داخلا تي پابندي *ڊِي آءِ جي ٽريفڪ ملير، ڪورنگي، ايسٽ، ويسٽ جي ايس ايس پيز کي خط لکي ڇڏيو *شهر ۾ صرف 5 هزار گيلن پاڻي کڻي ويندڙ ٽينڪرز کي اجازت هوندي: ڊي آءِ جي*وڌيڪ وزن کڻندڙ ٽينڪرز حادثن جو سبب بڻجندا آهن: ڊي آءِ جي ٽريفڪ*
  • *همايون شريف ويجهو نينگري پاران مبينا آپگهات وارو معاملو *ڳوٺ وڏا ڏئيا واسڻ 17ورهين جي نيلم ڏئيو جي مبينا آپگهات جو ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس ورتو *پوليس نينگري جي والد خلاف ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو *نينگري جي وارثن سندس موت کي آپگهات قرار ڏنو هو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد گلبهار ڏئيو فرار*
  • *دولتپور صفن ويجهو قومي شاهراهه تي پراڊو گاڏي جي ٽڪر ۾ واٽهڙو پيرسن فوت *جوکيا موڙ وٽ حادثي ۾ پيرسن چڻو ولد کيڏو خان ڀٽي فوت ٿي ويو، لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو *پوليس ڪار کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو*
  • *هنڱورجا ويجهو سڳيون لنڪ روڊ تي ڦر دوران مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ٿي وئي *مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ڳوٺ مٺو خشڪ واسي سليم ولد امداد خشڪ نالي سان ٿي: ايس ايڇ او هنڱورجا *
  • *سبي: مٺڙي ڀرسان قومي شاهراهه تي مزده ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 9 مسافر زخمي *حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو*
  • *پشاور: پارا چنار جي علائقي شلوزان ۾ ٽن ڄڻن جو قتل، 6 جوابدار گرفتار *گذريل ڏينهن ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙي سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هئا : ڊي پي او*
  • *راجنپور ۾ زرعي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڊيلرن خلاف آبادگارن جو احتجاج، گڏهه ڪاهي ريلي ڪڍي وئي *آبادگارن زراعت کاتي جي عملدارن جو علامتي جنازو کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو*

حڪومت ۽ فوج کي ويڙهائڻ اپوزيشن جي ايجنڊا آهي، استعيفائون ڏنيون ويون ته ضمني اليڪشن ڪرائينداسين: عمران خان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزير اعظم  عمران خان چيو آهي ته حڪومت ۽ فوج کي ويڙهائڻ اپوزيشن جي ايجنڊا آهي، مخالف ڌر استعيفائون ڏنيون ته ضمني اليڪشن ڪرائينداسين، هي هڪ سيٽ به نه کڻي سگهندا. وزير اعظم عمران خان مختلف ٽي وي چينلز جي نيوز ڊائريڪٽرز سان ملاقات ۾ چيو ته حڪومت کي مخالف ڌر کان ڪو به خطرو ناهي، نواز شريف مايوس ٿي چڪو آهي، هو حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ تاريخي هم آهنگي کي ٽوڙن چاهي ٿو، هو هاڻ چاهي ٿو ته نه پاڻ کيڏندس نه ٻين کي کيڏڻ ڏيندس، پر نواز شريف راند کان ٻاهر نڪري چڪو آهي. مخالف ڌر جي ايجنڊا حڪومت ۽ فوج کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ آهي. هن چيو ته افغانستان هجي يا ڀارت، پالسي منهنجي هلندي آهي، اپوزيشن کي تڪليف آهي ته فوج صرف منهنجي پاليسي تي هلندي آهي، جڏهن به ڪو مسئلو ٿيندو آهي فوج حڪومت جي پويان بيٺل هوندي آهي. عمران خان چيو ته نوازشريف جي تقرير اخلاقي طور ڏيکارڻ نه گهرجي ها، جيڪڏهن تقرير روڪيون ها ته اظهار جي آزادي جو معاملو بڻجي وڃي ها، نواز جي تقرير ڀارت جي بيان جو عڪس آهي، هر معاملي تي سوديبازي ڪري سگهان ٿو پر ڪرپشن تي اين آر او نه ڏيندس، مشرف اين آر او ڏئي غلطي ڪئي هئي، نواز ليگ هجي يا ش ليگ هي رڳو خانداني سياست ڪندا آهن، مولانا فضل الرحمان کي ان ڪري ساڻ ٿا رکن ڇو ته هنن وٽ ماڻهو ناهن. وزيراعظم جو چوڻ هو ته گلگت بلتسان وارو اجلاس سيڪيورٽي بابت هو، ڀارت گلگت بلتستان ۾ بدامني ڦهلائڻ چاهي ٿو، فوجي قيادت جي ملاقاتن جو مونکي علم هوندو آهي، جيڪي فوجي قيادت سان لڪي ملندا آهن، انهن لاءِ آئون ڇا چوان؟ آئون نوازشريف ۽ آصف زرداري جو ڪوئي سياسي مستقبل نه ٿو ڏساڻ، نواز ليگ هجي يا ش ليگ ٻئي پارٽيون نه ٿيون هلي سگهن، ان ڪري ڀڄي جي ايچ ڪيو وينديون آهن. هن چيو ته اپوزيشن اسيمبلين تان استعيفائون ڏين ته ضمني اليڪشن ڪرائينداسين، اپوزيشن وارا ضمني چونڊن ۾ هڪ سيٽ به نه کڻي سگهندا. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت به اڃا نئين آهي، سياسي پارٽين ۾ نظم ضبط بنائڻ ممڪن ناهي، هر پارٽي ۾ اختلاف راءِ ٿيندي رهندي آهي، اسان جي ڪابينا ۾ اهڙا به وزير آهن، جيڪي پنهنجي طرف گول ڪري ويندا آهن، منهنجو وزن اهڙو پاڪستان آهي جنهن جي هٿ ۾ ڪشڪول نه هجي، يوٽرن هميشه هڪ مقصد جي لاءِ هوندو آهي. وزير اعظم ٻڌايو ته شگر مافيا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اڳتي ڪنهن کي کنڊ جي قيمت ايئن وڌائڻ نه ڏينداسين، 15 سالن کان دوائن جون قيمتون نه وڌيون ان ڪري زندگيون بچائيندڙ دوائون مارڪيٽ مان گم ٿي ويون، اسان دوائن جا اگهه ان ڪري وڌايا ته دوائون مارڪيٽ ۾ موجود رهن، 18هين ترميم ۾ زرعي شعبو صوبن کي ڏنو ويو جيڪو نه ڏيڻ گهرجي ها، 18هين ترميم نظام کي فريڪچر ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، ٻن ٽن سالن ۾ ملڪ سمورن مشڪلاتن مان نڪري ايندو، پاڪستان خوش قسمت آهي ته چين اسانجو دوست آهي، سٺي ڳالهه آهي ته چين کي پاڪستان جي ايتري ضرورت آهي جيتري پاڪستان کي چين جي آهي. عمران خان چيو ته ملڪ ۾ اولهه فلمن سبب فحاشي وڌي رهي آهي، پاڪستان ۾ جنسي ڏوهه وڌن پيا، اسان کي پنهنجن فلمن ذريعي فحاشي خلاف ڪلچر کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته امير ملڪ مني لانڊرنگ ڪندڙن کي تحفظ ڏئي انصاف جي ڳالهه نه ٿا ڪري سگهن، خطي ۾ امن چاهيون ٿا، سمورا تڪرارن جو ڳالهين ذريعي حل ڪڍڻ جا حامي آهيون، گڏيل قومون اسلامو فوبيا خلاف عالمي ملهائڻ جو مطالبو ڪريان ٿو. وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي 75 هين جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ۾ ڀارتي ظلمن ۽ گستاخانه خاڪن ۽ مني لانڊرنگ جو معاملو اٿاريو. عمران خان جنرل اسيمبلي ۾ ڪورونا وائرس، خطي ۾ هٿيارن جي ڊوڙ، گستاخانه خاڪن، ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن، فلسطين، اسرائيل تڪرار، ماحولياتي تبديلين ۽ گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ وڏي پيماني تي سڌارن جهڙن اهم معاملن تي ڳالهايو. عمران خان چيو ته جڏهن مون اقتدار سنڀاليو ته مسلسل ڪوشش رهي ته پاڪستان ۾ تبديليون آنديون وڃن، اسان نبي ڪريم صه جي رياست مدينه جي تصور تي نئين پاڪستان جو ماڊل جوڙيو، اسان انصاف ۽ انساني قدرن تي ٻڌل هڪ اهڙي معاشري جو قيام چاهيون ٿا، جتي حڪومت جي سمورين پاليسين جو محور غريب عوام هجي ۽ اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي امن ۽ استحڪام جي ضرورت آهي، اهو ئي اسانجي پرڏيهي پاليسي جو مقصد آهي ته پاڙيسرين سان امن رهجي ۽ ڳالهين ذريعي تڪرار کي حل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته جنرل اسيمبلي جو 47 هون اجلاس انتهائي اهم سنگ ميل آهي، ڇاڪاڻ هي دنيا جو واحد ادارو آهي جيڪو پاڙيسرين سان امن ۽ استحڪام ۾ اسانجي مدد ڪري سگهي ٿو، اسان لاءِ هي موقعو به آهي ته اسان غور ڪريون ته گڏيل قومن ڪهڙا واعدا پورا ڪيا آهن؟، جيڪي اسان سڀني گڏجي ڪيا هئا. هن چيو ته نين مخالف قوتن ۾ هٿيارن جي نئين ڊوڙ هلي رهي آهي، عالمي معاهدن جون ڌچيون اڏايون پيون وڃن، دنيا ۾ جيستائين هر شخص محفوظ نه ناهي ته ڪير به محفوظ نه آهي. ڪورونا تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪورونا سڄي دنيا ۾ غريب ۽ ٻين کي متاثر ڪيو، پاڪستان سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي، اسان سخت لاڪ ڊائون نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته اسان کي خطرو هو ته غريب ماڻهو بک وگهي مري ويندا، عمران خان چيو ته ڪورونا دوران اسان 8 ارب ڊالرز سان صحت سهولتون ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪئي، اسان نه رڳو ڪورونا تي ضابطو آندو پر معيشت ۾ به استحڪام آندو، اسان 3 سالن ۾ 10 ملين وڻ لڳائڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، حڪومت جي سمورين پاليسين جو مقصد شهرين جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ آهي. عمران خان چيو ته مني لانڊرنگ ۾ ملوث مافيا کي بهترين وڪيلن تائين رسائي ملندي آهي، جيڪڏهن ان عمل جو رستو نه روڪيو ويو ته غريب ۽ امير ۾ فرق وڌندو ويندو، آئون جنرل اسيمبلي کان مطالبو ڪريان ٿو ته رقم جي غيرقانوني منتقلي ۽ لٽيل دولت فوري طور واپس ڪرائي وڃي. ڪشمير جي حوالي سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته فوجي قبضي ۽ غيرقانوني توسيع پسنداڻي قدمن سان ڪشميرين جي حق خود اراديت کي دٻايو پيو وڃي، بدقسمتي سان آر ايس ايس جو نظريو رکندڙن جي ڀارت ۾ حڪمراني آهي، جيڪا اقليتن تي ظلم ڪري رهيا آهن، ڪمزور اقليتن خلاف نسلي ۽ مذهبي بنيادن تي نفرت ۽ تشدد جا واقعا وڌندا آهن، انهن قدمن اسلامو فوبيا کي وڌايو آهي، ڀارت جارحيت ڪئي ته پاڪستان ڀرپور جواب ڏيندو، تمام گهڻن ملڪن ۾ مسلمانن کي بنا خوف ۽ خطري جي نشانو بڻايو پيو وڃي، اسان جي زيارتن کي به تباهه ڪيو پيو وڃي، جنرل اسيمبلي کي اسلامو فوبيا خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري گهرجي، ان ناسور خلاف متحده ٿيڻو پوندو، جيڪو انسانيت کي تقسيم ڪرڻ جو سبب بڻجي.

Bookmark the permalink.