اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آشيانه اقبال ڪيس ۾ امتياز حيدر جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت کي نيب قانون تبديل ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو پر هن نه ڪيو. سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب لينڊ ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر امتياز حيدر جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو تاثر ڏنو ويو ته سپريم ڪورٽ نيب قانون ۾ سختي ڪئي آهي، چيو ويو ته ڪنهن کي نقصان يا فائدو پهچائڻ لاءِ عدالت نيب قانون سخت ڪيو، جڏهن عدالت قانون ۾ سختي ناهي ڪئي صرف قانوني پوزيشن واضع ڪئي هئي، حڪومت کي نيب قانون تبديل ڪرڻ لاءِ چيو ويو پر ان ڪجهه نه ڪيو. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هن معاملي کي تفصيل سان ٻڌنداسين ته اسان مڪمل انصاف ڪنداسين، ٿي سگهي ٿو ته اسان هن پوري ڪيس کي ختم ڪري ڇڏيون. هڪ سال 8 مهينن جو وقت تمام گهڻو وقت آهي، قانون ۾ 30 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي، امتياز حيدر جو ڪوبه ڪردار ناهي، امتياز حيدر کي پنهنجو ڪردار ڏسڻو آهي. عدالت امتياز حيدر جي ضمانت منظور ڪندي نيب جي جوابدار جو پاسپورٽ ضبط ڪرڻ جي درخواست به رد ڪري ڇڏي، عدالت امتياز حيدر کي 10 لک رپين جا 2 مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
- سکر :ڪئنالن جي ٻنهي پاسي آپريشن ڪري اڏاوتون پٽ ڪيون ويون
سکر: سکر بئراج مان نڪرندڙ ڪئنالن دادو، کيرٿر ۽ رائيس ڪئنالن جي ٻنهي طرفن کان هيوي مشينري جي مدد سان انتظاميه 100 کان وڌيڪ اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون آهن…
- سکر: ڪئنال متاثر 400 ڄڻن تي هڪ وڌيڪ ڪيس داخل، 20 ڄڻن جي گرفتاري ظاهر
سکر: ڪئنالن تان قبضا هٽائڻ وارو معامرو، مڇريل ماڻهن مان آبپاشي کاتي بعدپوليس جي فرياد تي به دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ…
- ماڊل ڪورٽ ملير جو شاهه رخ جتوئي فرار ڪيس ٻڌڻ کان انڪار
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صنعتڪار سڪندر جتوئي جي پٽ شاهه رخ جتوئي جو پرڏيهه فرار ٿيڻ وارو ڪيس ماڊل ڪورٽ ۾ نه هلي سگهيو، جج انڪار ڪندي لاڳاپيل ڪورٽ…