تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

حڪومت پوليو تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام: سنڌ ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر، هلندڙ سال انگ 16 ٿي ويو

ميرپورخاص شهر جي نينگر عرفان سيال ۽ ڊگهڙي ويجهو نينگر ريحان کي پوليو جي تصديق

ڪراچي/حيدرآباد/ميرپور(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ پوليو وائرس تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ 2 ڪيس ظاهر، هلندڙ سال سنڌ اندر پوليو ڪيس جو انگ وڌي 16 ٿي ويو. پوليو جا 2 ڪيس ميرپورخاص ۾ ظاهر ٿيا، ميرپورخاص شهر جي سيال ڪالوني واسي 6 سالن جي عرفان پٽ چاڪر سيال ۽ ڊگهڙي ويجهو ڳوٺ اسلام دين واسي ٽن سالن جي ريحان کي پوليو جي تصديق ٿي آهي. پوليو جي حوالي سان فوڪل پرسن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته متاثر ٻار ريحان کي 2 ڀيرا ڦڙا پيارڻ جي تصديق ڪئي وئي، اهڙي ريت عرفان جي والدين پڻ 7 ڀيرا ڦڙا پيارڻ بابت ٻڌايو آهي پر هن جي ڦڙا پيارڻ بابت جاچ هلي پئي، هڪ ئي ضلعي ۾ ٻن ڪيسن جي ظاهر ٿيڻ واري معاملي جي جاچ هلي رهي آهي، واضح رهي ته سنڌ ۾ هلندڙ سال دوران سنڌ ۾ پوليو ڪيسن جو انگ وڌي 16 ۽ سڄي ملڪ ۾ انگ 101 ٿي ويو آهي.



Bookmark the permalink.