تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

حڪومت پاران پيٽرول 12 رپين تائين سستو ڪرڻ تي غور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مخالف ڌر ۽ اتحادين پارٽين جي سخت تنقيد ۽ عوام جي احتجاج کانپوءِ وزيراعظم عمران خان پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي ناڻي وزارت پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪرڻ تي غور ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي في ليٽر تي 10 روپيا گهٽتائي ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ 10 روپين جي گهٽتائي پيٽروليم ليوي ۽ جي ايس ٽي جي شرح ۾ گهٽتائي ڪرڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي، ذريعن مطابق جلد پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جو امڪان آهي.

Bookmark the permalink.