تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

سنڌ سرڪار کي هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هومز ٺاهڻ ۽ بزرگ شهرين کي طبي سهولتون ڏيڻ جو حڪم

سنڌ هاءِ ڪورٽ بزرگ شهرين لاءِ طبي سهولتون يقيني بڻائڻ جو به حڪم ڏنو

بزرگ شهرين جي سهولتن کي ڪوبه سمجهوتو نه ڪنداسين: ٻڌڻي دوران ريمارڪس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي ۾ ضلعي سطح تي اول ايج هومز قائم ڪرڻ ۽ بزرگ شهرين کي مڪمل طبي سهولتون مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جاڳرتا مهم هلائي ته صوبي ۾ بزرگ شهرين کي ڪهڙيون سهولتون ڏنيون پيون وڃن. عدالت بزرگ شهرين جا مسئلا ٻڌڻ بعد حل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سينيئر سٽيزن ايڪٽ 2014ع تي عملدرآمد نه ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواست ۾ سماجي ڀلائي واري کاتي ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو اهي. عدالت سماجي ڀلائي واري کاتي کي قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت سنڌ سرڪار کي صوبي ۾ اولڊ ايج هومز ٺاهي اُن ۾ مڪمل سهولتون مهيا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
هر ضلعي ۾ اولڊ ايج هوم ٺاهڻ جو حڪم
عدالت حڪم ڏنو آهي ته صحت کاتي جو سيڪريٽري سمورن اولڊ ايج هومز ۾ طبي سهولتون مهيا ڪرڻ کي يقيني بڻائي، سنڌ سرڪار هر ضلعي ۾ اولڊ ايج اوم ٺاهڻ لاءِ گهربل فنڊز مهيا ڪري. سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته سماجي ڀلائي وارو کاتو ڪائونسل جي قانون پٽاندڙ سمورا فنڪشنز فعال ڪري، اُن حوالي سان آگاهي سيمينار ۽ ورڪشاپس ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي عدالت چيو آهي ته لاڳاپيل قانون جي حوالي سان ميڊيا تي به آگاهي ڏني وڃي.
بزرگ شهرين کي سهولتن لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جو حڪم
ٻڌڻيءَ دوران عدالت سماجي ڀلائي واري کاتي جي سيڪريٽري سان مخاطب ٿيندي پُڇيو ته توهان قانون تي عملدرآمد ڇو نه ڪيو؟ قانون ٺهندا آهن، پر اُنهن تي عملدرآمد نه ڪيو ويندو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته بزرگ شهرين کي طبي سهولتون ڪهڙي ريت مهيا ڪيون وڃن؟ اُن حوالي سان سنڌ سرڪار طريقيڪار جوڙي. قانون ٺاهيو ته ويو، پر ڪنهن به سينيئر سٽيزن (بزرگ شهري) کي اُن جي باري ۾ ڄاڻ ئي نه آهي. سنڌ حڪومت جا لاڳاپيل اداري اول ايج هومز ۾ سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻين.
اولڊ ايج هومز جي فلاح لاءِ مهم هلائڻ جو حڪم
سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته صوبي ۾ اول ايج هومز جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ جاڳرتا مهم هلائي وڃي، ماڻهن کي ٻڌايو ته حڪومت بزرگ شهرين کي ڪهڙيون سهولتون مهيا ڪري رهي آهي، بزرگ شهرين جي بهتري ۽ ڀلائي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
بزرگ شهرين جون شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم
عدالت حڪم ڏنو آهي ته حڪومت بزرگ شهرين کي پيش آيل مسئلن جي حوالي سان شڪايتون ٻڌڻ لاءِ فوري طور ڪميٽي جوڙي.



Bookmark the permalink.