تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

حڪومت سينيٽ ۾ دهشتگردي ايڪٽ ۾ ترميم منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام، ڪوآپريٽوسوسائٽي ترميمي بل منظور

اسلام آباد(رپورٽ ايم بي سومرو) سينيٽ مان وفاقي حڪومت دهشتگردي ايڪٽ ۾ ٽئين ترميم کي منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام، سينٽ بل کي اڪثريت راءِ سان رد ڪري ڇڏيو جڏهن ته ايف اي ٽي ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪوآپريٽوسوسائيٽي ايڪٽ ۾ ترميم جو بل قومي اسيمبلي بعد سينيٽ به منظور ڪري ورتو. تفصيل موجب ڪالهه سينيٽ جو اجلاس سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ گهرو ڪميٽي جي چيئرمين رحمان ملڪ ايف اي ٽي ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي پاران منظور ڪيل ڪوآپريٽو سوسائيٽي ايڪٽ ۾ ترميم جي بل ۽ دهشتگردي ايڪٽ ۾ ٽئين ترميم جي بل بابت ڪاميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي، ان بعد پارلياماني مامرن جي صلاحڪار بابر اعواڻ ڪو آپريٽو سوسائٽي ايڪٽ ۾ ترميم جو بل منظوري لاءِ پيش ڪيو جنهن کي سينيٽ جي ايوان منظور ڪري ورتو منظور ڪيل ڪو آپريٽو سوسائيٽي ايڪٽ ۾ ترميم جي بل ۾ چيو ويو آھي ته ڪو آپريٽو سوسائٽي جي ميمبرن جي معلومات رجسٽرار کي ڏني ويندي معلومات نه ڏيندڙ سوسائٽي جي رجسٽريشن رد ڪئي ويندي ۽ اهڙي سوسائٽي جو رڪارڊ رجسٽرار پاڻ وٽ رکي سگهندو قانون جي خلاف ورزي ڪندڙ کي 10 لک تائين ڏنڊ جي سزا ڏني ويندي جڏهن ته سوسائيٽي جو ڪو ملازم، آفيسر، سيڪريٽري، ڪرپشن ،فراڊ ۾ ملوث نڪتو ته کيس پنج سالن تائين قيد ۽ 20 لک جرماني جي سزا ملندي ان بعد ڪالهه اڱاري ڏينهن تي قومي اسيمبلي پاران منظور ڪيل دهشتگردي ايڪٽ ۾ ٽئين ترميم جي بل کي منظوري لاءِ سجاد طوري پيش ڪيو جنهن جي مخالف ڌر پاران مخالفت ڪئي وئي جنهن بعد بل جي منظوري لاءِ ووٽنگ ڪرائي وئي ته بل جي منظوري جي حق ۾ 31 ۽ مخالفت ۾ 34 ووٽ پيا جنهن ڪري بل کي اڪثريت راءِ سان رد ڪيو ويو سينيٽ پاران رد ڪيل دهشتگردي ايڪٽ 1997 ۾ ٽئين ترميم جو بل 2020 تحت دهشتگردي ايڪٽ ۾ نئين شق 19 تحت جاچ جي طريقيڪار ۾ نئين ٽڪنڪس اختيار ڪرڻ لاءِ درخواست جي عنوان سام نئين شق شامل ڪئي وئي آھي جنهن ترميم ۾ چيو ويو آھي جاچ آفيسر عدالت جي اجازت سان 60 ڏينهن اندر دهشتگردي جي فنڊنگ بابت خفيه جانچ( انڊرڪور آپريش)، مواصلاتي نظام ذريعي تهه تائين پهچڻ، ڪنهن ڪمپيوٽر تائين رسائي واري ٽڪنيڪ استعمال ڪري دهشتگردي جي مالي معاونت جو پتو لڳائي سگهندو، سينيٽ مان اهو بل رد ٿيڻ جي ڪجهه دير بعد قومي اسيمبلي دهشتگردي ايڪٽ ۾ ٽئين ترميم جي بل کي منظوري لاءِ گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ منظوري لاءِ موڪلڻ جي رٿ منظور ڪري ڇڏي جيڪا رٿ بابر اعواڻ پيش ڪئي. سينيٽ اجلاس ۾ جماعت اسلامي جي مشتاق احمد چيو ته اسان ڪوآپريٽو سوسائٽي بل جي مخالف ڪئي آھي اسي سيڪڙو ميمبرن کي معلوم نه آھي ته بل ۾ ڇا آھي؟ جنهن جلد بازي سان بل منظور ڪيو ويو اهو عمل غير اخلاقي آھي، آءِ ايم ايف ۽ ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان وزير اعظم جي پاليسي بهادر شاهه ظفر واري آھي ٽيپو سلطان واري نه آھي، نيب جو قانون آئين جي مختلف آرٽيڪلن جي خلاف آھي، جهاز جي رفتار سان بل منظور ڪيا پيا وڃن.

Bookmark the permalink.