تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ڪردارڪشي ڪري رهي آهي، وفاقي حڪومت جا وزير اڄ ڊرامو ڪري رهيا آهن: احسن اقبال

عمران خان کي سياست ڪرڻي آهي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي تي سياست ڪري:ن ليگ اڳواڻ

عوام کي جواب ڏيو ته غريب مهانگائي سبب ڇو مري رهيا آهن:نوجوانن کي روزگار ڇو نٿو ملي:احسن اقبال

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته حڪومت نواز شريف جي ڪردارڪشي ڪري رهي آهي، حڪومت جا وزير اڄ ڊرامو ڪري رهيا آهن، صوبائي وزير ياسمين راشد بيماري جي تصديق ڪئي. نواز ليگ اڳواڻ، وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته عمران خان کي سياست ڪرڻي آهي ته هو پنهنجي ڪارڪردگي تي سياست ڪري، عوام کي جواب ڏيو ته غريب مهانگائي سبب ڇو مري رهيا آهن، عوام کي جواب ڏيو ته نوجوانن کي روزگار ڇو نٿو ملي، عوام کي جواب ڏيو ته بجلي جي بلن ۾ ٽيڻ تي اضافو ڇو ٿي ويوآهي، عوام کي جواب ڏيو ته ڪشمير جو سودو ڇو ڪيو، سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود اوهان ڪشميرلاءِ ڪجهه ڇو ناهيو ڪري سگهيا. نون ليگ اڳواڻن چيو ته نوازشريف کي نون ليگ پرڏيهه ناهي موڪليو، حڪومت ميڊيڪل رپورٽس جَي بنياد تي کيس علاج لاءِ لنڊن وڃڻ جِي اجازت ڏني. احسن اقبال چيو ته هو آئيني ۽ جمهوري جدوجهد تي يقين رکن ٿا.

Bookmark the permalink.