تازا ترين
  • پ پ تاريخي اي پي سي ڪوٺرائي، نواز شريف واضع۽ تفصيلي تقرير ڪئي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري*گلگت بلتستان معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو، ملڪ ۾ جمهوري آزادي چاهيون ٿا:بلاول *
  • *اسلام آباد: جعلي بئنڪ اڪائونٽس اسڪينڊل ۾ سنڌ روشن پروگرام ڪيس جي جاچ وارو معاملو *نيب راولپنڊي فرنٽ مين اياز صديقي کي ڪراچي مان گرفتار ڪري ورتو: ذريعا *اياز صديقي جعلي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا جمع ڪرايا: نيب ذريعا*
  • *ڄام نواز علي: ڇتو ڪتو مارڻ جي ڪوشش دوران نوجوان مارجي ويو *ڳوٺ ديوان گلاب راءِ ۾ ڳوٺاڻي ڇتي ڪتي کي مارڻ لاءِ فائر ڪيو ته گولي نوجوان مادو ڪولهي کي لڳي: پوليس *پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي*
  • *گهارو شهر ۾ واپاريءَ کان ڦر ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال *2ڏينھن اڳ واپاري گڊو کان 9لک رپيا ڦر ڪرڻ بعد جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪيو هو *واقعي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي: احتجاج ڪندڙ واپاري*
  • *اسلام آباد: العزيزيه ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ سزا خلاف نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي *مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر احتساب عدالت ۾ پهچي ويا *عدالت نواز شريف کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي اپيل تي به ٻڌڻي ڪندي *ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پيشيءَ جي موقعي تي عدالت ٻاهران سڪيورٽي جا سخت انتظام *
  • *ڀان سيدآباد: قومپرست اڳواڻ مولا بخش لغاري بيماري وگهي لاڏاڻو ڪري ويو *مولابخش لغاري جي جنازي نماز اڄ سخي سيد سليمان شاهه عيدگاهه تي ادا ڪئي ويندي*
  • *پنوعاقل پوليس جي نجي ٽارچر سيل ۾ مبينا طور تي فيصل آباد واسي وڪيل ميان اعجاز آرائين جي قتل وارو معاملو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ پوليس اهلڪارن ۽ ڪجهه خانگي ماڻھن کي وڪيل جي قتل ۾ ملوث قرار ڏئي ڇڏيو *ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي پاران ايڊيشنل آءِ جي سکر ڏانھن انڪوائري رپورٽ موڪلي ڇڏي *وڪيل ميان اعجاز آرائين کي ڊي ايس پي مسعود مهر جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو: انڪوائري رپورٽ *وڪيل پوليس جي غيرقانوني حراست ۾ فوت ٿيو ۽ لاش پنجاب ۾اڇلايو ويو : انڪوائري رپورٽ *انڪوائري رپورٽ ۾ اي ايس آءِ غلام مصطفيٰ ميراڻي، ڪانسٽيبلز درگاهه ڏنو، نصير ۽ سرمد يعقوب بيگناھه قرار*
  • *سنجهورو ۾ شهرين پاران بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو، ٽريفڪ معطل *ڌرڻي سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن کان شهدادپور، سانگهڙ ۽ سنجهورو روڊ تي ٽريفڪ معطل، مسافر پريشان *4مهينن کان بجلي جو ٽرانسفارمر خراب آھي، ڪيترائي ڀيرا دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيو: مظاهرين*
  • *ڪراچي: سنڌ سرڪار جي 6کاتن ۾ 3 سيڪريٽريز مقرر ٿيل *اهم کاتا من پسند سيڪريٽرين کي اضافي چارج طور حوالي ڪيا ويا *تعليم، لائيو اسٽاڪ ۽ فاريسٽ کاتو مستقل سيڪريٽري کان محروم *زراعت جي سيڪريٽري رحيم سومروکي فاريسٽ جي سيڪريٽري جي اضافي چارج مليل *ثقافت کاتي سيڪريٽري اڪبر لغاري وٽ لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري جي اضافي ذميواري *سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي چيئرمين احمد بخش ناريجو کي سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج مليل *20هين گريڊ جا ڪامورا بحران باوجود سائيڊ پوسٽن تي ويهاريل*

حڪومت اڪثريت نه هجڻ باوجود ڪامياب: مني لانڊرنگ خلاف ڪارروائي جا اختيار نيب حوالي: 8 بل منظور، اپوزيشن جون ترميمون رد: هنگامو، واڪ آئوٽ

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) حڪومت اڪثريت نه هجڻ باوجود گڏيل پارليامينيٽ جي اجلاس مان ايف اي ٽي ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ سينيٽ پاران رد ڪيل ٽن بلن سوڌو هڪ ڏينهن جي اجلاس مان 8 بل منظور ڪرائي ورتا جن ۾ ڪجهه بل سينيٽ مان رد ڪيل يا 90 ڏينهن اندر منظور ٿيل نه هئا، اپوزيشن جون سموريون ترميمون رد ڪيون ويون، جنهن ڪري ايوان ۾ گوڙ ۽ هنگامو ٿي ويو، اپوزيشن ميمبرن احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائس جو گهيرو ڪري ورتو، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، جڏهن ته مخالف ڌر جا ميمبر واڪ آئوٽ ڪري ويا. ميدان خالي ڏسي، موقعي جو فائدو وٺندي حڪومت ضمني چار بل به منظور ڪرائي ورتا، اينٽي مني لاڊرنگ بل جي منظوري بعد مني لاڊرنگ خلاف ڪارروائي جا اختيار به نيب کي ملي ويا آهن تفصيل موجب گڏيل پارليامينٽ جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس شروع ٿيندي ئي اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر ايجنڊا ۾ شامل وقف پراپرٽي بل جي منظوري جو عمل شروع ڪيو ته مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جي ميمبرن نو نو جا نعرا لڳائيدي سيٽن تي بيهي احتجاج ڪرڻ لڳا اسپيڪر مخالف ڌر جي احتجاج کي نظر انداز ڪندي بل جي منظوري جو عمل جاري رکيو ته نواز ليگ جي مرتضيٰ جاويد عباسي، ميان رضارباني ۽ مخالف ڌر جي ٻين ميمبرن اسپيڪر جي ڊائيس تي اچي وائيس ووٽنگ کي چيلينج ڪيو ان بعد اسپيڪر ان بل جي ووٽنگ جي حق ۽مخالفت ۾ ميمبرن کي سيٽن تي بيهاري ووٽنگ ڪرائي ائين ان بل جي منظوري جي حق ۾ حڪومت ۽ ان جي اتحادي پارٽين جي ميمبرن جا 200 جڏهن ته بل جي مخالفت ۾ 190 ووٽ پيا، جماعت اسلامي جي مشتاق احمد جون ترميمون رد ڪري بل اڪثريت راءِ سان حڪومت منظور ڪرائي ورتو، مخالف ڌر ان ڳڻپ کي چيلينج ڪندي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي گوڙ ۽ احتجاج ڪيو ته اسپيڪر ٻيهر ڳڻپ لاءِ تيار ٿي ويو ته حڪومتي وزيرن شاهه محمود قريشي ۽ ٻين اعتراض واري ڇڏيو ۽ اسپيڪر جي ڊائيس تي پهچي ويا جنهن بعد اسپيڪر مخالف ڌر جي مطالبي کي رد ڪري ٻيهر ڳڻپ کان انڪار ڪندي ايجنڊا ۾ شامل ٻئي بل مني لاڊرنگ ايڪٽ ۾ ترميم جي ٻئي بل منظوري جو عمل شروع ڪري ڇڏيو ته مخالف ڌر جا ميمبر سيٽن تي بيهي احتجاج ۽ گوڙ ڪندا رهيا هن موقعي تي مخالف ڌر جا ميمبر ايجنڊا ۽ بلن جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلائيندا رهيا، مخالف ڌر جا ميمبر اسپيڪر کي آزاد ڪريو ، ڊونڪي راجه جي سرڪار نه هلندي ، گلي گلي ۾ شور آ حڪمران پارٽي چور آ، ووٽ کي عزت ڏيو جا نعرا لڳايا مخالف ڌر جي ميمبرن جي نعرن جي جواب ۾ حڪومتي ميمبرن ووٽ کي ڏنڊو ڏيو، گلي گلي ۾ شور آ پيپلزپارٽي چور آ، نه هلندو نه هلندو اين آر او نه هلندو جا نعرا لڳايا، ائين ڏهن ووٽن جي اڪثريت سان حڪومت سينيٽ پاران رد ڪيل وقف پراپرٽي بل جي اڪثريت راءِ سان منظوري حاصل ڪري ورتي. ان بعد اسپيڪر مني لاڊرنگ ايڪٽ ۾ ٻئي ترميم جي بل جي منظوري جو عمل شروع ڪيو ته مخالف ڌر جي ميمبرن ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ۽ اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءِ ڪري ورتو ان دوران محسن داوڙ ۽ مخالف ڌر جي ٻين ميمبرن ايجنڊا ڦاڙي پنا اسپيڪر مٿان اڇلايا جيڪي سندس ٽيبل تي اچي ڪريا جن کي سيڪيورٽي عملو ميڙندو رهيو ان موقعي تي به اسپيڪر کي آزاد ڪريو جا نعرا لڳايا ويا جنهن بعد اسپيڪر بلاول ڀٽو زرداري کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي ته وفاقي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اگر بلاول زرداري بل ۾ ترميم جمع ڪرائي آھي ته ڳالهائي نه ته اهو نٿو ڳالهائي سگهي ان دوران سيد نويد قمر ۽ شاه محمود قريشي وچم تلخ ڪلامي ٿي پئي جڏهن ته پ پ ميمبرن شاهه محمود قريشي سامهون بيهي لوٽو لوٽو جا نعرا هڻندا رهيا ائين اپوزيشن ليڊر شهباز شريف بل تي ڳالهائڻ لاءِ اٿيو ته ان کي به ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ تي حڪومتي ڌر اعتراض واري ڇڏيو پارلياماني روايت رهي آھي ته مخالف ڌر جو اڳواڻ جنهن وقت به ڳالهائڻ لاءِ اٿي ته ان کي موقعو ملندو آھي پر صلاحڪار بابر اعواڻ رول 131 پڙهندي ان کي به موقعو ڏيڻ تي اعتراض واري ڇڏيو جنهن تي بل ۾ ترميم پيش ڪندڙ شاهد خاقان عباسي چيو ته اوهان جنهن طرح اجلاس هلائي رهيا آھيو ڇا ان سان ميمبرن جي عزت ۾ اضافو ٿي رهيو آھي بلن تي بحث ٿيڻ گهرجي ائين ان بل ۾ به مخالف ڌر جي ميمبرن جي ترميمن کي رد ڪندي بل جي منظوري ڪرائي ته مخالف ڌر ۾ شامل پارٽين جا ميمبر واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا جنهن بعد حڪومت ان بل جي منظوري آساني سان حاصل ڪري ورتي جنهن بعد حڪومت سينيٽ پاران رد ڪيل بل سرونگ ۽ ميپنگ بل ، ان بعد اسلام آباد هاءِءِڪورٽ ايڪٽ حڪومتي ترميمن سان گڏ منظور ڪرائي ورتو مخالف ڌر جي عدم موجودگي جو فائدو وٺندي حڪومت ضمني ايجنڊا جاري ڪرائي وڌيڪ چار بل جن کي قومي اسيمبلي منظور ڪيو هو پر سينيٽ نوي ڏينهن ۾ منظور نه ڪيو هو انهن کي به منظور ڪرائي ورتو ضمني ايجنڊا تحت سڀ کان اڳ سينيٽ پاران رد ڪيل دهشتگردي ايڪٽ ۾ ٽئين ترميم جي بل 2020 ،اين بعد پي ايم ڊي سي جي جاءِ تي پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن بل ، جوڊيشل ميڊيڪل ٽربيونلز بل ، اسلام آباد جي معزورن جي حقن جو بل، حڪومتي ترميمن سان گڏ منظور ڪرائي ورتو آھي. جڏهن ته گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس مان اينٽي مني لاڊرنگ بل جي منظوري بعد مني لاڊرنگ خلاف به ڪارروائي جا اختيار نيب کي ملي ويا آهن
اسلام آباد : وزير اعظم عمران خان ريپ ڪيسن ۾ عبرتناڪ سزا ڏيڻ لاء ڪجهه ڏينهن ۾ بل پيش ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آھي ته مخالف ڌر سان ملڪ ۽ جمهوريت لاءِ هر مامري تي سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار آھيان پر ڪرپشن تي سمجهوتو نه ٿيندو، هر سال 10 ارب جي مني لاڊرنگ ٿئي ٿي اسان آءِ ايم ايف کان 6 ارب ڊالرن جو قرض ورتو آھي اگر مني لاڊرنگ روڪي وڃي ته قرض ئي نه وٺڻو پوي ڪالهه گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ ايف اي ٽي ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاء ٽن بلن سوڌو اٺن بلن جي منظوري بعد خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته حڪومتي ۽ اتحادي ميمبرن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو انهن ثابت ڪيو ته اهي پاڪستان سان گڏ آھن، اڄوڪو اهم ڏينهن هيو وزير اعظم موٽروي تي ريپ واقعي تي ڳالهائيندي چيو ته ان واقعي سبب ملڪ لڏي ويو آھي اهو واقعو ٿيڻ کان وٺي سوچي رهيا آھيون ته ان حوالي سان بهتر قانونسازي منظور ٿئي جنهن سان نه رڳو عورتن پر ٻارڙن کي به تحفظ ملي فيصلو ڪيو آھي ته ان حوالي سان ٽن رخن کان ڪم ڪندا سين، اڪثر ڪيس رپورٽ نٿا ٿين، جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ لاءِ تياري ڪري رهيا آھيون چند ڏينهن ۾ بل ايوان ۾ پيش ڪنداسين. هن چيو ته ايف اي ٽي ايف جي ڪهاڻي هلي رهي آھي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ پاڪستان اسان جي حڪومت ڪري نه آيو آھي اهو اسان کي وراثت ۾ مليو آھي بليڪ لسٽ ۾ شامل ٿيڻ جو مقصد پاڪستان تي عالمي پابنديون لڳڻ آھي، اسان اميد ڪري رهيا هئا سين ته مخالف ڌر اسان جي تعريف ڪندي جمهوريت ۾ مخالف ڌر جو وڏو ڪردار هوندو آھي، مخالف ڌر جو جيڪو رويو ڏٺو مخالف ڌر جي قيادت جي حوالي سان منهنجن خدشن جي تصديق ٿي آھي، هن چيو ته ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي لاءِ مخالف ڌر سان جيڪا به مشاورت ٿي مان سمجهان ٿو ته مخالف ڌر جي قيادت جا مفاد ۽ پاڪستان جي مفادن جي بلڪل ابتڙ آھن، انهن هر قسم جي بليڪ ملينگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي جي بدلي انهن نيب قانون ۾ 34 ترميمون اسان سامهون رکيون انهن ترميمن جو مقصد نيب کي دفن ڪرڻ هو، مخالف ڌر ايف اي ٽي ايف بابت قانونسازي کي پنهنجا ڪرپشن ڪيس بچائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو، ناجائز طريقي سان ڪمايل پيسو ٻاهر موڪلڻ لاء مني لاڊرنگ ٿئي ٿي ترقي پذير ملڪن ۾ وزير اعظم ۽ وزير پيسو چوري ڪن ٿا ته اهو ملڪ کان ٻاهر موڪلن ٿا ڀارت جا ارب پتي سڀ لنڊن ۾ ويٺل آھن ڀارت لاء ٻاهر ويل پيسو واپس آڻڻ مشڪل آھي مني لاڊرنگ ڪري امير ملڪ امير ٿي رهيا آھن ۽ترقي پذير ملڪ هيٺ وڃي رهيا آھن، هت جيڪو ٽي ٽي جو ڪيس آھي اهو پيسو وري ٻاهريان ٽي ٽي ذريعي گهرايو وڃي ٿو هن چيو ته مخالف ڌر آخر ۾ اچي مني لاڊرنگ جي قانون ۾ ڦاسي پئي مخالف ڌر جو چوڻ هو ته مني لاڊرنگ نيب جي دائري مان ڪڍو اگر انهن مني لاڊرنگ نه ڪئي آھي ته انهن کي خوف ڇا جو آھي هن چيو ته پاڪستان مان هرسال 10 ارب ڊالرن جي مني لاڊرنگ ٿئي ٿي اسان آء ايم ايف کان 6 ارب ڊالر جو قرض ورتو آھي ۽ اسان کي ان جون شرطون مڃڻيون پون ٿيون مني لاڊرنگ کي ئي روڪيو وڃي ته اسان کي قرض نه وٺڻو پوي. هن چيو ته مونکي سياسي انتقام جو نشانو بنائڻ لاءِ مون مٿان اثاثن جوڪيس ڪيو ويو هو مان ڪنهن عهدي تي به ان وقت تائين نه رهيو هيس مون مني ٽريل ڏني هي ڇو نٿا ڏين؟، لنڊن جو هائيڊ پارڪ ۽ مئي فيئر لنڊن جو مهانگو ترين علائقو آهي اتي هنن جون ملڪيتون آھن، ان لاءِ ڪٿان پيسو آيو انهن وٽ ڪو دستاويز نه آھي، آصف زرداري جي ملڪيتن جي به لسٽ آھي جيڪي ان جي نالي ناهن غلطي مان رڳو ان نيويارڪ ۾ پنهنجي نالي تي فليٽ ورتو، هنن نيب ۾ پنهنجا ماڻهو رکيا جنهن ڪري انهن جا ڪيس بند رهيا، حديبيه اوپن اينڊ شٽ ڪيس هيو ڪرپشن خلاف ڳالهه ڪريون ٿا ته هي ان کي سياسي انتقام قرار ڏين ٿا، هن وقت مخالف ڌر نه آھي ان ڪري تقرير ڪري رهيو آھيان نه ته هي تقرير ڪرڻ به نه ڏيندا آھن مون کي سڀني بابت معلوم آھي مون سڀني کي ڏٺو آھي ائين لڳي ٿو ته اسحاق ڊار کي جي والد جي سائيڪل جو دڪان نه پر مئي فيئر ۾ مرسڊيز جو شوروم هيو شريف فيملي کي ڏسي لڳي ٿو ته هي گوالا منڊي ۾ وڏا ٿيا نه ٿيا آھن هي سڀ پيلس ۾ وڏا ٿيا آھن، انهن وٽ پيسو ڪٿان آيو؟ ملڪ ۽ جمهوييت لاءِ مخالف ڌر سان هر مامري تي سمجهوتو ڪرڻ لاء تيار آھيان پر ڪرپشن تي سمجهوتو نه ڪندس.

Bookmark the permalink.