تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

حڪومتي ميمبرن وزيراعظم آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ حڪومتي ميمبرن مسئلا حل نه ٿيڻ تي شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس کان اڳ وزيراعظم جي صدارت ۾ تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پارٽين جو پارلياماني پارٽي اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ميمبرن تڪن ۾ مسئلا حل نه ٿيڻ تي شڪايتون ڪيون ۽ چيو ته وفاقي وزيرن وٽ عوامي مسئلا ٻڌڻ لاءِ وقت ئي ناهي، جنهن تي وزيراعظم مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته آئون مسئلن کان آگاهه آهيان، عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن چيو ته نئين توانائي پاليسي آڻي رهيا آهيون، بجلي ۽ گيس جا مسئلا حل ٿي ويندا، وزيراعظم چيو ته ايف اي ٽي ايف بل اسان جي ذات نه پر ملڪ لاءِ آهن، پاڪستان لاءِ اهي بل منظور ڪرائڻا آهن، اپوزيشن پنهنجي ليڊرز جي ڪرپشن بچائڻ لاءِ قومي مفادن جي مخالفت ڪري رهي آهي، ذريعن موجب قومي اسيمبلي ميمبر نور عالم خان نيب جو نوٽيس ملڻ تي پارلياماني پارٽي اجلاس ۾ احتجاج ڪيو ۽ چيو ته اسان ڪا ڳالهه ڪريون ٿا ته نيب نوٽيس ٿو اماڻي ڇڏي، ڪي پي سان تعلق رکندڙ نور عالم چيو ته اوهان نيب کي منهنجي پويان لڳايو آهي پر مون کي ڪجهه نٿا ڪري سگهو منهنجا هٿ صاف آهن، وزيراعظم کيس چيو ته مون اوهان پٺيان نيب کي ناهي لڳايو، وزيراعظم چيو ته نيب حڪومت جي ڪنٽرول ۾ ناهي، آزاد ادارو آهي، نيب ته اسان جي وڏي وزير ۽ وزيرن کي به نوٽيس ڏنا آهن. ذريعن موجب لال مالهي وزيراعظم کي چيو ته اوهان ڪراچي پيڪيج ڏنو آهي ٻهراڙي سنڌ کي ننڌڻڪو ڇڏي ڏنو آهي، اڌ سنڌ ٻڏي چڪي آهي، اوهان پاڻ چوندا آهيو ته پ پ ڪرپٽ آهي، ان جي آسري سنڌ جي ماڻهن کي ڪيئن ٿا ڇڏيو؟ 12 هزار قسط فوري طور ڏيو، متاثر علائقن ۾ قرض معاف ڪرايو يا وري قرض جي اوڳاڙي ملتوي ڪئي وڃي، شاهه محمود قريشي به ان جي حمايت ڪئي، وزيراعظم چيو ته اين ڊي ايم اي کي چيو آهي ته ڪاٿو لڳائيندا جنهن بعد پيڪيج ڏينداسين. جئي پرڪاش چيو ته ٿر ۾ آر او پلانٽ لڳائڻ لاءِ وفاقي حڪومت پئسا ڏنا آهن پر سي ايم سنڌ ان ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي، ايم ڪيو ايم جي ميمبرن مطالبو ڪيو ته ڪراچي وانگر حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ سکر لاءِ به پيڪيج ڏنو وڃي، وزيراعظم چيو ته ڪراچي پيڪيج جا پئسا ڪنهن به صورت ۾ سنڌ حڪومت کي نه ڏينداسين، 18هين ترميم جي ڪري اسان مداخلت نه پئي ڪري سگهياسين، ٻوڏ سبب ماحول جڙيو ۽ اسان کي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.

Bookmark the permalink.