تازا ترين
  • *ڳوٺ کولرا عباسي ۾ گهر مان چوري جي ڪوشش دوران هٿياربندن فائرنگ ڪئي، علي ڏنو، خالق، ماجد ۽ شاهد قتل ٿي ويا*
  • *پيرجوڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي فائرنگ، 4 ڀاتي قتل*
  • *ڪنڌڪوٽ ۽ ڪرمپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: ڳوٺ حمل جعفري مان هٿياربند باغ جي چوڪيدار نعمت ۽ اصغر جعفري کي اغوا ڪري ويا * ڪنڌڪوٽ: اوڳاهي لاڙي وٽ هٿياربندن جي مزدا تي فائرنگ، ڊرائيور حبيب الله زخمي، علي حسن بروهي کي اغوا ڪيو ويو
  • *ٽنڊو محمد خان: حيدرآباد جي لمس اسپتال ۾ ڪورونا وائرس جو مريض فوت، ڊي ايڇ او پاران تصديق*
  • *چين مان جهاز 14 ٽن سامان کڻي اسلام آباد پهچي ويو *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتين جو انگ 47 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سڀاڻي جمعي تي 12 کان 3 وڳي تائين ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم *
  • *سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون کي 11 ڏهاڙا ٿي ويا، روزگار ۽ خوراڪ بند، بُک وبائي صورت اختيار ڪرڻ لڳي*

حيدرآباد ۾ 5 مهينا اڳ مبينا طور اغوا ٿيل ناري بازياب، علي رضا شادي جي آسري وٺي ويو پر شادي نه ڪئي: ناري جو الزام

علي رضا گهر ۾ ماءُ سان گڏجي تشدد ڪندو هو: صبا چنا

علائقي واسين رڙيون اچڻ تي اطلاع ڏنو، جنهن بعد ناري کي هٿ ڪيو ويو: پوليس

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ علمدار چوڪ واري علائقي ۾ قائم هڪ گهر مان مبينا طور اغوا ٿيل ناريءَ کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو آهي،ناريءَ کي وومين ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ نسيم ننگر پوليس چوڪي انچارج جو چوڻ آهي تـ ابتدائي طور تي بازياب ڪرايل ناري صبا چنا جو چوڻ آهي تـ کيس 5 مهينا اڳ علي رضا نالي نوجوان شادي جو آسرو ڏئي وٺي آيو پر هن شادي نـ ڪئي ۽ مٿس گهر ۾ ماءُ سان گڏجي وحشياڻو تشدد ڪندو رهيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي تـ گذريل ڏينهن ڄاڻايل گهر مان رڙين جي آواز تي علائقي واسين 15 پوليس کي اطلاع ڏنو. جنهن بعد ڪارروائي ڪري ناري کي بازياب ڪرايو آهي.

Bookmark the permalink.