تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

حيدرآباد ۾ 12 کان 15 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ، شهري رستن تي نڪري آيا، مظاهرو

حيدرآباد (بيورورپورٽ) حيدرآباد ۾ حيسڪو پاران بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري، 12 کان 15 ڪلاڪ بجلي جي بندش خلاف قاسم آباد جا رهواسي رستن تي نڪري آيا، نسيم نگر چوڪ تي مظاهرو، حيسڪو خلاف سخت نعريبازي. رپورٽ موجب حيدرآباد جي اڪثر علائقن ۾ حيسڪو پاران بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. حيسڪو پاران لطيف آباد، قاسم آباد، سٽي توڙي ٻهراڙي واري علائقي ۾ 12 کان 15 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي. قاسم آباد جي نسيم نگر سميت ٻين علائقن ۾ بجلي جي بندش خلاف شهرين نسيم نگر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري حيسڪو خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ محمد قاسم ميمڻ، باغ لغاري، رشيد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته قاسم آباد ۾ حيسڪو سب ڊويزن قاسم آباد پاران 12 کان 14 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي جنهن ڪري شهري سخت پريشان آهن. سخت گرمي ۽ مڇرن جي آزار دوران بجلي جي بندش کين ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته هڪ طرف رهواسين کي ڊٽيڪشن هڻي بجلي جا واڌو بل موڪليا وڃن ٿا ته ٻئي طرف وري بل درست ڪرائڻ لاءِ ويندڙ ماڻهن کي آفيسن ۾ عملي پاران مبينا طور رشوت لاءِ پريشان ڪيو وڃي ٿو. هنن مطالبو ڪيو ته قاسم آباد ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪري شهرين کي پريشاني کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ هو حيسڪو خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪندا.

Bookmark the permalink.