تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

حيدرآباد ۾ ڳوٺاڻي جو بااثر بلڊر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ڳوٺ عبدالله چانگ جي رهواسين بااثر بلڊر خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. ان موقعي تي محمد نويد، عمران علي ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته ڳوٺ ۾ سرڪاري گندي پاڻي جي نيڪال واري 2 ايڪڙن تي ٻڌل ڍنڍ آهي. جنهن ڍنڍ کي بااثر بلڊر ٽريڪٽر هلرائي لٽرائي ڇڏيو آهي جنهن سبب ڳوٺ جي نيڪاسي وارو پاڻي ڳوٺ جي گهٽين ۾ ٻيٺو آهي. گندي پاڻي جي آزار سبب هو سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا آهن. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڍنڍ تان قبضو ختم ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.