تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

حيدرآباد ۾ گورنمينٽ آءِ ايڇ زبيري گرلز ڊگري ڪاليج ۾ پهرئين ڏينهن هڪ به شاگردياڻي نه آئي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ گورنمينٽ آءِ ايڇ زبيري گرلز ڊگري ڪاليج ۾ پهرئين ڏينهن هڪ به شاگردياڻي نه آئي، پرنسپال جو چوڻ آهي ته ڪاليج ۾ 3 هزار جي لڳ ڀڳ شاگردياڻيون پڙهنديون آهن، والدين طرفان موٽ نه ملڻ سبب ڪا به شاگردياڻي پڙهائي لاءِ نه اچي سگهي آهي، جاتي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب پهرئين ڏينهن شاگردن کي تڪليفون، هائير سيڪنڊري اسڪول جي مُک گيٽ ۽ گرائونڊ سوڌو چوڌاري پاڻي بيٺل هئڻ سبب شاگردن کي اسڪول وڃڻ ۾ پريشانين جو منهن ڏسڻو پيو، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ اسڪول اندر پهرئين ڏينهن حاضري 90 سيڪڙو گهٽ رهي.

Bookmark the permalink.