تازا ترين
  • *ڳڙهي ياسين ويجهو 6 مهينا اڳ ڪارنهن الزام هيٺ جوڙي جي قتل ۾ ملوث جوابدار ڪراچي مان گرفتار *شهزادو جتوئي ۽ نصرت لاشاري قتل ڪيس ۾ ملوث احسان لاشاري کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو *
  • *جهڏو واسڻ ناري کي مبينا پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش *14ورهين جي اربيلا جروار پيءُ ۽ ڀاءُ سميت ڊگهڙي ۾ صحافين وٽ پهچي وئي *امڙ 2 لک روپين ۾ وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، فرار ٿي ڊگهڙي ۾ مائٽن وٽ آئي آهيان: اربيلا جروار *امڙ بااثرن سان گڏجي بابا خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي: ناري*
  • *دادو جي عدالت پاران عورت سان زيادتي ڪيس ۾ جوابدار کي 10سال قيد جي سزا *عدالت ساحره پنهور سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار علي رضا پنهور کي سزا ٻڌائي*
  • *دادوويجهو جوابدارن ڪهاڙيون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڳهڻو جتوئي ۾ جوابدارن ڪهاڙيون هڻي 35ورهين جي شمشاد جتوئي کي قتل ڪري ڇڏيو * مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال دادو منتقل *حاڪم، مينهون، صدام گل، ڄام جتوئي نوجوان کي قتل ڪيو: مقتول جا وارث*
  • *اُم رباب جي 3 ڀاتين جي قتل ڪيس ۾ رپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جو سرچ آپريشن *پوليس اٽالن جو قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي ڪڙو، جهڙتي جاري *پ پ ايم پي اي جي بنگلي تي 2 جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي آهي: پوليس ذريعا *
  • *کهڙا ويجهو نينگر جو ڪمند مان لاش هٿ اچڻ وارو مامرو: ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران راشد اڄڻ جو قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم*
  • *سکر ۾ هوٽل ۽ تندور مالڪن پاران ٻئي ڏينهن به شٽربند هڙتال جاري *سکر: ھوٽل ۽ تندور مالڪن ضلعي انتظاميا طرفان 12 روپيا نان وڪرو ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو *سکر: هن مهانگائي جي دور ۾ 12روپيا في نان وڪرو نٿا ڪري سگهون: هوٽل مالڪ*
  • *ڪراچي:ابوالحسن اصفهاني روڊ تي گاڏي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر،هڪ ڄڻو فوت *فوت ٿي ويل پاڪ نيوي جو پيٽي آفيسر هو:ريسڪيو *فوت ٿي ويل محمد نواز جي قبضي مان سروس ڪارڊ مليو آهي:ريسڪيو*
  • *لاهور: ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *پراسڪيوشن پاران ڪيپٽن (ر ) صفدر خلاف چالان جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش *ڪيپٽن ( ر) صفدر چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪرڻ واري ڪيس ۾ ضمانت تي آزاد آهي *
  • *اُم رباب جي ٽن گهرڀاتين جو قتل ڪيس: پوليس جو ميهڙ ۽ قمبر جي جابلو پٽي ۾ آپريشن جاري *قمبر ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو جي بنگلي کي پوليس جو ڪڙو، سرچ آپريشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جيسالياني چونڊ اڄ ٿي رهي آهي *صدر جي عهدي لاءِ عاصمه جهانگير گروپ جي عبدالطيف آفريدي ۽ حامد خان گروپ جي اميدوار وچ ۾ مقابلو ٿيندو *سيڪريٽري جي عهدي لاءِ احمد شهزاد رانا ۽ عامر سهيل اميدوار آهن *سموري ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ بار جا 3174 ۽ جاڙن شهرن ۾ 518 ميمبر آهن*

حيدرآباد ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت، وارثن جو ڊرائيور تي تشدد، هوائي فائرنگ، 2 ڄڻا گرفتار

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هالاناڪي واري علائقي ۾ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت، وارثن جو اسپتال ۾ نوجوان کي علاج لاءِ کڻي ايندڙ ڪار ڊرائيور تي تشدد، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، پوليس جي هوائي فائرنگ، 2 ڄڻا گرفتار. رپورٽ موجب هٽڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نور خان چانگ لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڪار موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ 16 سالن جو فرحان پٽ فرمان علي چانگ شديد زخمي ٿي پيو. نوجوان کي روڊ تي تڙپندو ڏسي ٽڪر هڻندڙ ڪار ڊرائيور کڻي علاج لاءِ سول اسپتال پهتو. اطلاع تي نوجوان جا وڏي انگ ۾ وارث به اسپتال پهتا. نوجوان اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿيو ته علائقي واسي مڇرجي ويا ۽ انهن ڪار ڊرائيور تي تشدد ڪرڻ شروع ڪيو. سول اسپتال ۾ موجود گارڊن ۽ عملي شهرين کي ڊرائيور تي تشدد کان روڪيو ته علائقو ڪجهه دير لاءِ جنگ جو ميدان بڻيل رهيو. اسپتال ۾ افراتفري کانپوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس پهچي صورتحال تي ضابطي لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي جنهن کانپوءِ علائقي واسي ڇڙ وڇڙ ٿي ويا. پوليس ڊرائيور تي تشدد ۽ اسپتال ۾ هنگامو ڪرڻ تي ٻن ڄڻن کي سوگهو ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. فوتي نوجوان جا وارث لاش پوسٽ مارٽم بعد ڳوٺ کڻائي ويا, لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. رابطي ڪرڻ تي هٽڙي پوليس ٻڌايو ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ وارث نه پهتا آهن هوڏانهن مارڪيٽ پوليس اسپتال ۾ هل هنگامي ڪرڻ دوران گرفتارين جي تصديق نه ڪئي.

Bookmark the permalink.