تازا ترين
  • *احمد پور ويجهو 14 ورهين جي نينگري نگھت ڌيءُ امان الله وسطڙو مبينا طور اغوا: ٽن ڄڻن صبر علي، شڪر علي ۽ منٺار وسطڙو خلاف اين سي داخل*
  • *سڪرنڊ ۾ پاڙيسري جو وڪيل رياض احمد عرف راجا تي قاتلاڻو حملو، نازڪ حالت ۾ نوابشاهه ريفر*
  • *سيوهڻ زيادتي ڪيس: عدالتي اجازت بعد جاچ ٽيم ڊي ايس پي کاڻوٺ علي شير خاصخيلي جي سربراهي ۾ معطل سول جج امتياز ڀٽو جي چئمبر جو معائنو ڪيو*
  • *ميرپورماٿيلو ۾ پرڻيل ناري جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ، شڪ جي بنياد تي مڙس گرفتار، وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو * ميرپورماٿيلو: عورت شمائلا کي مٿي ۾ ڳولي لڳل آهي، جاچ ڪيون پيا: پوليس * ميرپورماٿيلو: ڀاڄائي گهرو اڻبڻت تان آپگهات ڪيو آهي: ڏير اسلام بوزدار *
  • *راڻيپور: ٻن ڀائرن شڪيل بروھي ۽ ظريف بروھي وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ: 17 سالن جو نوجوان شڪيل بروھي مارجي ويو، ظريف بروھي مرڻينگ*
  • *ڪراچي: ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا خلاف اي جي سنڌ کي رپورٽ پيش ڪندڙ انسپيڪٽر کي شوڪاز نوٽيس جاري، 7 ڏينهن ۾ وضاحت طلب * ڪراچي: اوهان جونيئر آهيو، ڪنهن سينيئر خلاف ڪيئن ٿا انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائي سگهو؟ نوٽيس *
  • *حيدرآباد/ڄامشورو: 15 ڏينهن کان گم ڄاڻايل مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد جو حيدرآباد ويجهو لاش هٿ، وارثن کي دوستن تي شڪ * حيدرآباد/ڄامشورو: شاگرد فتح راجپوت جو لاش اڪرم واهه مان هٿ آيو، پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي * حيدرآباد/ڄامشورو: پٽ دوست جي دعوت تي ڪوٽڙي ويو هو، شڪ آهي ته دوستن کيس قتل ڪيو: شير سومار *
  • *ڪراچي: آءِ جي سنڌ ڪليم امام اسلام آباد طلب: سڀاڻي وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏيندو*
  • *اسلام آباد: سنڌ ۾ اتحادين کي اعتراض: آءِ جي لاءِ سنڌ سرڪار کان نوان نالا طلب * اسلام آباد: آءِ جي تبديليءَ وارومامرو وفاقي ڪابينا جي ايجنڊا مان خارج: وڏي وزير سان ڳالهين جو ٽاسڪ گورنر حوالي *
  • *لاڙڪاڻي ۾ چوري ٿيل 3 ڪلو سون مان 31 تولا متاثر دڪاندار کي واپس: ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش اهو نه ٻڌايو ته سون ڪٿان هٿ ڪيو * لاڙڪاڻو: 31 تولا سون سوڌو چوري ٿيل ٻيو سامان ملي ويو آهي: دڪاندار عبدالله شيخ *
  • *مون خلاف سازش ٿي آهي، سولائيءَ سان وڃڻ واروناهيان: آءِ جي سنڌ*
  • *هالا ڀرسان 7 ڄڻڻ جي قتل جو ڪيس داخل: جوابدار ڌُر گهر خالي ڪري فرار*
  • *پشاور ڀرسان مسجد جو امام مبينا طور 14 ورهين جي ڇوڪري کي اغوا ڪري ويو*
  • *ريل سڙڻ جي واقعي بعد 19 ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي(شيخ رشيد) وڏن خلاف ڪارروائي ڪڏهن ٿيندي:چيف جسٽس*
  • *سرڪلر ريلوي ٽريڪ جي بحالي لاءِ وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو:سپريم ڪورٽ*

حيدرآباد ۾ کير جو بحران برقرار، 140 رپين ۾ وڪرو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ کير جو بحران برقرار آهي، ضلعي انتظاميا پاران کير جو وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف نالي ماتر ڪارروائي ڪئي وئي، شهر ۾ چوٿين ڏينهن به واپارين کير جا اگهه گهٽ نه ڪيا، کير جي بليڪ تي وڪري سبب واهپيدار سخت پريشان هئا. حيدرآباد ۾ عاشوري جي ڏينهن به شهر جي قاسم آباد، سٽي ۽ لطيف آباد جي مختلف علائقن ۾ کير جو بليڪ تي وڪرو جاري رهيو جڏهن ته واپارين توڙي دڪاندارن منافعو ڪمائڻ لاءِ کير دڪانن ۾ لڪائي في ليٽر 140 رپيا وڪرو پئي ڪيو جنهن ڪري شهر جي ٽنهي تعلقن ۾ کير اڻلڀ ٿي ويو. شهر ۾ گذريل چئن ڏينهن کان کير جو بليڪ تي وڪرو ٿيڻ ۽ في ليٽر 50 رپيا مهانگو ٿي وڃڻ باوجود ضلعي انتظاميا ڪو به عملي تحرڪ نه ورتو رڳو حيدرآباد سٽي جي اسسٽنٽ ڪمشنر ارباب ابراهيم سومر واري رات سٽي تعلقي جي ڪجهه علائقن ۾ قائم دڪانن تي ڇاپا هڻي پنهنجي ذميواري پوري ڪئي. سٽي واري علائقي ۾ اي سي پاران ڪاروائي باوجود ناگوري ملڪ شاپ ضلعي انتظاميا جي اجازت کانسواءِ پاڻمرادو کير جي نئين اگهه في ليٽر 140 رپين جو پرچو دڪان تي لڳائي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته حيدرآباد ۾ ضلعي انتظاميا پاران کير جو اگه في ليٽر 95 رپيا مقرر ٿيل آهي پر واپارين محرم الحرام ۾ کير جي کوٽ جو جواز ڄاڻائي پاڻمرادو کير جو اگهه وڌائي 140 رپيا في ليٽر ڪري ڇڏيو آهي.جنهن ڪري واهپيدار سخت پريشان آهن جڏهن ته شهر ۾ کير بليڪ تي وڪرڻ ٿيڻ بعد گذريل چئن ڏينهن کان واهپيدار دڪانن ۽ ڊيرين آڏو کير وٺڻ لاءِ وڏين قطارن ۾ بيهن ٿا پر کين کير نه ٿو ملي، واهپيدارن ضلعي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو شهر جا سکڻا دورا ڪرڻ بدران کير جو وڌيڪ اگهه وٺندڙن دڪاندارن خلاف ڪارروائي کي يقيني جيئن واهپيدارن کي آساني سان ضلعي حڪومت جي مقرر ڪيل اگه تي کير ملندو رهي.



Bookmark the permalink.