تازا ترين
  • *سانگهڙ جي عدالت ننڍي عمر جي ٻارڙي جي شادي روڪي ڇڏي، ٻارڙي کي وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم*
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

حيدرآباد ۾ چرس، مين پڙين ۽ غيرقانوني هٿيارن جي ڪيسن ۾ 5 جوابدار جيل حوالي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالتن چرس، مين پڙيون ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار 5 جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 5 جي عدالت جوابدار جهانگير ڳهيلو کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. مارڪيٽ پوليس جوابدار کي 5 ڪلو چرس سميت گرفتار ڪيو هو. ساڳي عدالت حالي روڊ پوليس پاران گرفتار جوابدار رمضان سولنگي کي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. پوليس جوابدار کي شراب وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي عدالت جوابدار شاهد چانڊيو ۽ ارشاد لاکير کي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هٽڙي پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 5 ڪلو 20 گرام چرس، غيرقانوني هٿيار ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. لاڳاپيل عدالتن پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته ڄاڻايل جوابدارن جي ٽراما سينٽر ۾ پهرين ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي وڃي ۽ ان جي رپورٽ جي آڌار بعد جوابدارن کي جيل اماڻيون وڃي.

Bookmark the permalink.