تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

حيدرآباد ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن حيدرآباد پاران لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس کي هٽائڻ لاءِ پريس ڪلب سامهون ٻئي ڏينهن به احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي عبدالغفار ميمڻ، عبدالمجيد جتوئي، سيد گلزار شاهه ۽ ٻين چيو ته چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس پيراميڊيڪل جي ملازمن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. هاڻي هن انتقامي طور ملازمن جون بدليون ڪرڻ سميت کين حراسان ۽ پريشان ڪرڻ کي معمول بڻائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته چانڊڪا جو ايم ايس پاڻ وڏو ڪرپٽ ۽ راشي عملدار آهي جنهن خلاف ڪير به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي جڏهن ته صحت کاتو ايم ايس چانڊڪا جي ڀٺڀرائي پيو ڪري جنهن ڪري ايم ايس پيرا ميڊيڪل ملازمن سان ڳالهيون ڪرڻ بدران معاملي کي وڌائي رهيو آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري صحت سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ايم ايس لاڙڪاڻو جي ڪرپشن ۽ ملازم دشمن پاليسن جو نوٽيس وٺي کيس فوري طور تي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ 28 سيپٽمبر کان سموري سنڌ ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.