تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

حيدرآباد ۾ پرڻيل عورت پاڻ کي ٽرين هيٺان ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (بيورورپورٽ) حيدرآباد جي گجراتي پاڙي وٽ شادي شده نوجوان عورت مبينا طور ريل گاڏي جي هيٺان اچي خودڪشي ڪري ڇڏي. ٻڌايو پيو وڃي ته 25 سالن جي شگفته زال وقاص گجراتي پاڙي ۾ پنهنجي ناناڻن جي گهر ۾ ٽڪيل هئي جتي هن صبح جو ڪراچي کان لاهور ويندڙ هزاره ايڪسپريس هيٺان اچي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. شگفته جي 10 مهينا اڳ ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ شادي ٿي هئي جتان هو ڪجهه وقت اڳ مبينا طور مڙس کان ڪاوڙجي اچي پنهنجي ناناڻن وٽ ٽڪي هئي. اطلاع تي ڦليلي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو. ڦليلي پوليس جو چوڻ آهي ته شگفته خودڪشي نه ڪئي آهي پر هن جو ذهني توازن ٺيڪ نه هو ۽ هو پٽڙي ڪراس ڪندي ريل گاڏي هيٺان اچي وئي. واقعي کانپوءِ ڪجهه دير لاءِ ريل گاڏي بيهجي وئي. بعد ۾ ريل گاڏي کي پنهنجي سفر ڏانهن روانو ڪيو ويو. اسپتال مان لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن ڪا به ڪارروائي نه ڪرائي.

Bookmark the permalink.