تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

حيدرآباد ۾ ٽئين سنڌ صوفي ميلي ”مي رقصم“ جي راڳ رنگ سان شروعات

ميلي جي پهرين ڏينهن تي قلندر جي ڌمال هنئي وئي، صوفي راڳين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو

ميلا سڄي سنڌ ۾ ٿيڻ گهرجن(هير سوهو)ميلن جو مقصد نوجوانن کي تصوف کان آگاهه ڪرڻ آهي: منور

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي شهر حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾ ٽيون سنڌ صوفي ميلو ”مي رقصم“ شروع ٿي ويو آهي. صوفي ميلو سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويو آهي جيڪو 3 ڏينهن جاري رهندو. ميلي جو افتتاح ايم پي اي هير سوهو ۽ بورڊ آف روينيو جي سيڪريٽري منور مهيسر ڪيو. ميلي ۾ سنڌ جي عظيم صوفي بزرگن جي مزارن جي تصويرن وارا وڏا پينا فليڪس لڳائي الڳ الڳ اسٽيج ٺاهيا ويا آهن جتي راڳ رنگ جون محفلون پڻ منعقد ٿي رهيون آهن جن صوفي بزرگن جي درگاهن جا پينا فليڪس ميلي ۾ لڳايا ويا آهن انهن ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت سچل سرمست، قلندر لعل شهباز ۽ صوفي شاهه عنايت جون مزارون شامل آهن. ميلي جي پهرين ڏينهن تي قلندر جي ڌمال هنئي وئي. ڌمال تي ماڻهو جهومي پيا جڏهن ته سمورن اسٽيجن تي مزارن جي لڳل پينا فليڪسن آڏو صوفي راڳين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. افتتاحي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي ايم پي اي هير سوهو چيو ته صوفي ميلي جي ذريعي سنڌ جي تصوف ۽ ثقافتي رنگن کي نروار ڪيو ويو آهي جڏهن ته اهڙا ميلا ٿيڻ سان صوفي ازم کي هٿي ملندي. اهڙا ميلا رڳو حيدرآباد نه پر سڄي سنڌ ۾ منعقد ٿيڻ گهرجن. سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي جتان پوري دنيا تائين امن جو پيغام پهتو آهي ۽ اسان کي ان تي فخر آهي. بورڊ آف روينيو جو سيڪريٽري منور مهيسر چيو ته سنڌ امن، ڀائيچاري ۽ رواداري جي ڌرتي رهي آهي جنهن پوري دنيا کي امن جو پيغام ڏنو آهي. ميلن جو مقصد نوجوانن کي تصوف کان آگاهه ڪرڻ آهي. سنڌي بنيادي طور صوفي آهن جيڪي دنيا ۾ امن ۽ ڀائيچارو چاهين ٿا. هن چيو ته مي رقصم جي عنوان سان ٿيندڙ پهرين ميلي جي موقعي تي ملڪ ۾ انتشار واريون حالتون هيون پر سنڌ جي ماڻهن امن، ڀائيچاري ۽ رواداري واري روايت کي برقرار رکندي صوفي ميلي جي ذريعي ملڪ ۽ پوري دنيا کي امن جو پيغام ڏنو.

Bookmark the permalink.