تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

حيدرآباد ۾ وڪيل کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف وڪيلن پاران عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو. وڪيلن جي بائيڪاٽ سبب سيشن ڪورٽ، سول ڪورٽ سميت ماتحت عدالتن ۾ ڪيس نه هلي سگهيا جڏهن ته اهم عدالتن ۾ رکيل خاص ڪيسن جون به شنوايون نه ٿي سگهيون. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ميان تاج محمد ڪيريو جو چوڻ آهي ته ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري کي 4 سيپٽمبر تي ڳوٺ کان عدالت ايندي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن کي 22 ڏينهن گذري ويا آهن پر سندس ڪٿي به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. بار موجب ته ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري جي بازيابي تائين روزانو هڪ ڪلاڪ ٽوڪن هڙتال ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هفتي ڇنڇر واري ڏينهن مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويندو آهي. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ته جيئن ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري جي بازيابي عمل ۾ اچي سگهي.

Bookmark the permalink.