تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

حيدرآباد ۾ وڪيل عورت قتل، گهر مان تشدد ٿيل لاش هٿ، مڙس تي الزام، گرفتار

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ نوجوان وڪيلياڻي جو گهر مان تشدد ٿيل لاش هٿ، وارثن پاران مڙس تي قتل جو الزام، گرفتار، سوڳ ۾ وڪيلن پاران عدالتي ڪارروايون معطل،رپورٽ موجب حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي ۾ گذريل رات دير سان 35 سالن جي وڪيلياڻي صوبيه زال عامر مارواڙي جو گهر مان تشدد ٿيل لاش مليو. اطلاع تي پڃاري ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ۽ پوسٽ مارٽم بعد پوليس وڪيل عورت جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته ايڊووڪيٽ صوبيه پنهنجي ٽن ٻارن سان گڏ مڙس عامر مارواڙي سان رهندي هئي، جتي رات دير سان سندس مڙس سان جهيڙو ٿيو ۽ بعد ۾ سندس تشدد ٿيل لاش مليو. ابتدائي طور تي پوليس جو چوڻ آهي ته وڪيل عورت جي ڀيڻ ايڊووڪيٽ سميرا ۽ ڀاءُ حيدر علي پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو آهي، جنهن ۾ هنن ڀيڻ جي واقعي کي قتل قرار ڏيندي سندس مڙس عامر مارواڙي تي الزام هنيا آهن ته هن رات دير سان تشدد بعد کيس گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪيو آهي. پوليس قتل جي شڪ ۾ سندس مڙس عامر مارواڙي کي گرفتار ڪري کانئس پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته صوبيه جي مڙس عامر پوليس وٽ به بيان ڏنو آهي ته هن پنهنجي زال کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي. ٻئي طرف ايڊووڪيٽ صوبيه جي پراسرار موت سبب هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن ماتحت عدالتن ۾ سوڳ سبب عدالتي ڪارروايون معطل رکيون. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر فرهاد علي ابڙو جو چوڻ آهي ته صوبيه سندس جونيئر هئي ۽ هن جو پراسرار نموني قتل ٿيو آهي. معاملي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي. سيما کوسو ايڊوڪيٽ جو چوڻ آهي ته صوبيه جي ڀيڻ سميرا به اهو انڪشاف ڪيو آهي ته سندس ڀيڻ کي مڙس عامر مارواڙي گهٽا ڏئي بيدردي سان قتل ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.