تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

حيدرآباد ۾ وڪيل صوبيه جي قتل ڪيس ۾ گرفتار مڙس عامر مارواڙي عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي، جوابدار طرفان زال کي قتل ڪرڻ جو اعتراف

صوبيا گهر پنهنجي نالي ڪرائڻ پئي چاهيو ته مڙس کيس قتل ڪيو: ڀيڻ سميرا

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ وڪيل صوبيه جي قتل ڪيس ۾ گرفتار مڙس عامر مارواڙي عدالتي رمانڊ تي جيل حوالي، پڃاري ٿاڻي جي پوليس جوابدار عامر مارواڙي ۽ سندس اعترافي بيان جڊيشل مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪيو، ذريعن موجب جوابدار عامر مارواڙي جاچ دوران پوليس آڏو زال صوبيه کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو ، ٻڌڻي جي موقعي تي وڏي تعداد ۾ وڪيل عدالتي احاطي ۾ گڏ ٿي ويا، پڃاري ٿاڻي تي مقتول وڪيل صوبيه جي ڀيڻ ايڊووڪيٽ سميرا جوابدار عامر مارواڙي خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، ڪيس ۾ فريادي سميرا موقف اختيار ڪيو آهي ته صوبيا گهر پنهنجي نالي ڪرائڻ پئي چاهيو ته مڙس عامر کيس تشدد جو نشانو بڻايو، صوبيا جي ليگل نوٽيس موڪلڻ تي عامر ڪاوڙ ۾ اچي کيس قتل ڪري ڇڏيو، مقتولڻ جي ڀيڻ سميرا جو چوڻ آهي ته صوبيا جي قتل واري رات هوءَ به ڀيڻ جي گهر ۾ موجود هئي، رات جو هڪ وڳي کان پوءِ ڪمري مان صوبيا جي رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا ته اندر هلي ويس، جتي ڏٺو ته عامر مارواڙي ڀيڻ کي گهٽا ڏئي ويٺو هو، صوبيه ۽ منهنجي رڙين تي پاڙي وارا پهچي ويا ته جوابدار عامر فرار ٿي ويو.

Bookmark the permalink.