تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

حيدرآباد ۾ واسا جي لاپرواهي، شهر جي مک قبرستانن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايڇ ايم سي ۽ واسا جي لاپرواهي سبب شهر جي مک قبرستانن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، شهري پنهنجي پيارن جي ميت دفنائڻ لاءِ به پريشان، ضلعي انتظاميا تحرڪ نه ورتو. رپورٽ موجب حيدرآباد ۾ برسات کي لڳ ڀڳ مهينو ٿيڻ وارو آهي پر اڃا تائين حيدرآباد ۾ ميونسپل ڪارپوريشن توڙي واسا اختيارين شهر جي ٽنڊو يوسف قبرستان، ڀٽي ڳوٺ قبرستان، لالو لاشاري ۽ اماني شاهه قبرستانن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرايو آهي جنهن ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته پيارن جي فوتگي بعد هو جڏهن سندن لاش دفنائڻ لاءِ قبرستان وڃن ٿا ته اتي هو جيڪا قبر کوٽين ٿا ان ۾ پاڻي ڀرجي وڃي ٿو. مجبوري ۾ هو ڪيتريون ئي قبرون کوٽي وڏي مشڪل سان پنهنجي پيارن جي تدفين ڪن ٿا. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته قبرستانن مان پاڻي نيڪال ڪرائڻ واسا ۽ ايڇ ايم سي جي ذميواري آهي ان ڪري انهن کي فوري طور تي برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ گهرجي پر تنهن باوجود واسا توڙي ايڇ ايم سي جا عملدار لاپرواهي جو مظاهرو پيا ڪن. واضح رهي ته ايڇ ايم سي هر سال بجيٽ دوران شهر جي قبرستانن ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائي اسٽريٽ لائيٽس لڳائي چوديواري ڏيارڻ لاءِ لکين رپيا فنڊ مختص ڪري ٿي پر قبرستانن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. شهرين ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد مطالبو ڪيو آهي ته قبرستانن مان پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ واري معاملي جو فوري طور تي نوٽيس وٺي واسا ۽ ايڇ ايم سي کي پابند بڻايو وڃي ته هو قبرستانن ۾ بيٺل برساتي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائين ته جيئن انهن کي پنهنجي پيارن جي تدفين ڪرڻ دوران ڏکيائيون پيش نه اچن.

Bookmark the permalink.