تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

حيدرآباد ۾ منشيات جي ڪيس جو جوابدار بري ٿي ويو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت منشيات جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي هڪ جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو آهي. سيڪنڊ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جوابدار ذيشان شاهه کي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ٻن سالن بعد بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ٽنڊو يوسف ٿاڻي جي پوليس 2018ع ۾ جوابدار ذيشان شاهه کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 220 گرام چرس هٿ ڪري منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ۽ کيس جيل موڪلي ڇڏيو هو. جوابدار جيل مان وڪيل معرفت ضمانت ڪرائي هئي. گذريل ڏينهن عدالت کيس ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.