تازا ترين
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

حيدرآباد ۾ مبينا مقابلي ۾ گرفتار ٻه ڦورو پوليس حوالي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 10 جي عدالت سيري پوليس پاران مبينا پوليس مقابلي ۾ گرفتار ڄاڻايل ڦورن کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. پوليس عدالت ۾ هڪ ڦورو شاهنواز الياس عرف راجا کي رمانڊ لاءِ پيش ڪيو جڏهن ته مقابلي ۾ زخمي ڄاڻايل ڦورو غلام حسين سنگراسي جو سرٽيفڪيٽ پيش ڪندي عدالت کي آگاهي ڏني ته هو زخمي آهي ان ڪري علاج لاءِ کيس سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. سيري پوليس سومر واري رات دير سان ٽنڊو محمد خان روڊ سيري ڀرسان بينظير هائوسنگ اسڪيم وٽ موٽرسائيڪل تي سوار ٽن ڦورن کي روڪڻ جو اشارو ڏنو پر ڦورو نه بيٺا ۽ انهن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي. جوابي فائرنگ ۾ پوليس زخمي ڦورو غلام حسين سنگراسي ۽ سندس ساٿي شاهنواز عرف راجا کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندن ٽيو ساٿي خالد سنگراسي اونداهي جو فائدو وٺي موٽرسائيڪل سميت فرار ٿي ويو. پوليس دعويٰ ڪئي هئي ته ڄاڻايل ڦورن تي اسٽريٽ ڪرائيم، ڌاڙن ۽ چورين جا ڪيس داخل ٿيل آهن جن جي قبضي مان 2 ٽي ٽي پستول هٿ ڪيا ويا.

Bookmark the permalink.