تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

حيدرآباد ۾ قائم ڪيل اسٽريٽ لائبريري لاءِ ادارن ۽ اديبن ڪتاب ڏنا

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل اسٽريٽ لائبريري لاءِ مختلف اديبن ۽ ادارن 1100 کان وڌيڪ ڪتاب تحفي طور ڏنا آهن، جن ادارن ۽ اديبن اهي ڪتاب ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو کي تحفي طور ڏنا، تن ۾ روٽري ڪلب حيدرآباد قاسم آباد پاران 700 ڪتاب، روٽريٽ ڪلب پاران 250 ڪتاب، ليکڪ ذوالفقار هاليپوٽو، قاضي خادم، شاگرد ڪاشف راڄپر، استاد ڪاشف، ليڪچرار غلام رسول پاران 5-5 ڪتاب، گورنمينٽ آفيسر اسلم چوڌري پاران 50 ڪتاب، ليکڪ رضيه طارق، ليکڪ طارق عالم ابڙو پاران 4-4، ليکڪ حميرا نور پاران 3، استاد ڪهڪشان ڪنول پاران 10، دانش ابڙو پاران 97 ۽ هڪ شاگرد سعد پاران هڪ ڪتاب تحفي طور ڏنو ويو. آهي. ڪتاب شهباز پل جي هيٺان قائم ڪيل اسٽريٽ لائبريري ۾ رکيا ويا آهن، جتي ڪتابن سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو هر روز مطالعي لاءِ اچن ٿا.

Bookmark the permalink.