تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

حيدرآباد ۾ زيادتي بعد قتل ڪيل نينگري مريم کي انصاف نه ملڻ تي سندس والد جي عدالت ۾ درخواست

ڀٽائي ننگر ٿاڻي جي اهلڪار رڪارڊ تبديل ڪيو ، نئين سر بورڊ جوڙي شڪي ماڻهن جي ٻيهر ڊي اين اي ڪئي وڃي

عدالت ڪيس جي جاچ اڳوڻي ايس ايڇ او حوالي ڪري جاچ آفيسر ۽ فريادي کي 2 جون تي طلب ڪري ورتو

حيدرآباد ( بيورو رپورٽ) ڀٽائي ننگر ٿاڻي جي حد ۾ زيادتي دوران مارجي ويل 13 ورهين جي نينگري مريم کي انصاف نه ملڻ تي سندس والد پاران ڪيس کي انصاف جي بنيادن تي هلائڻ لاءِ ٻيهر درخواست ڪئي. دراخواست ۾ هن موقف ڏيندي چيو آهي ته نئين سر بورڊ جوڙي شڪي ماڻهن جي ٻيهر ڊي اين اي ڪرائڻ جي گهرُ ڪئي آهي. نينگري جي والد امجد بيگ لغاري پاران ڀٽائي نگر ٿاڻي جي اهلڪارن تي رڪارڊ تبديل ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. عدالت کي درخواست ڪندي هن چيو ته ڊي اين اي ڪندڙ ليبارٽري جا ڪجهه ملازم به سيمپل مٽائڻ ۾ ملوث آهن. نينگري مريم زيادتي ۽ قتل ڪيس جي جاچ ٻيهر اڳوڻي ايس ايڇ او سيف الرحمان حوالي ڪئي وئي. عدالت پاران انويسٽيگيشن آفيسر ۽ فريادي کي ٻيهر 2 جون تي طلب ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.