تازا ترين
  • *گمبٽ ۽ ڀرپاسي ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ20 مريض اسپتال ڀيڙا *ٻارڙن ۽ عورتن سميت 20 ڄڻن کي گمس اسپتال جي ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪيو ويو*
  • *پنوعاقل ويجهو چوپائي مال جي چوري دوران 2 چور سوگھا، مارڪٽ بعد پوليس حوالي *ڳوٺ عبدالرحمان جتوئي ۾ ڳوٺاڻن چوري دوران ٻن چورن کي ڊوڙائي ڊوڙائي پڪڙي ورتو، هڪ فرار *نرڇ واسين عبدالطيف ڀيو ۽ غلام مصطفيٰ جعفري کي پوليس حوالي ڪيو ويو*
  • *ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدار رحمان ڀولا ۽ زبير چريا کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي*
  • *بلديه سانحي ڪيس جو 8 سالن کانپوءِ فيصلو اچي ويو، متحده اڳواڻ رئوف صديقي شاهديون نه هجڻ تي بري*
  • *ڊگهڙي ويجهو اڌڙوٽ شخص سرفراز واهه ۾ ٻڏي فوت *جيلاني پاڙي واسي40 ورهين جو عبدالحئي عرف پٺاڻ ولد عبدالقيوم قمبراڻي سرفراز واهه ۾ ٻڏي ويو *رهواسين شهري کي پاڻي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي جي تصديق ڪئي*
  • *سکر: خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ جي نيب جي اپيل رد *احتساب عدالت ۾ ريفرنس آهي، شاهدن جا بيان به اتي قلمبند ٿيندا: ڪنزيومر ڪورٽ *خورشيد شاهه جي ملڪيت جي حوالي سان نيب 5 شاهن جا بيان قلمبند ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني هئي*
  • *لاهور: آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، شهباز شريف جي گرفتاري جا امڪان *شهباز شريف جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو اڄ ٻڌايو ويندو*
  • *سبي: ڪمپڙي پل وٽ ٽرڪ جو ڪار کي ٽڪر، هڪ نينگري فوت، 3 ڄڻا زخمي *حادثي ۾ نينگري مائين خان فوت، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *غوثپور:ڳوٺ شهداد ڀيو جي رهواسين پاران بنيادي سهولتون نه ملڻ ڪري پوليو مهم جو بائيڪاٽ *ڳوٺاڻن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پوليو ٽيمون واپس روانيون*
  • *باڊهه ۾ ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو پگهارن نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو *ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر ناهي ڪيو ويو، پگهارون نه ملڻ سبب فاقاڪشي ۾ مبتلا آهيون: ملازم *
  • * وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ حيدرآباد ۽ ميرپور خاص ڊويزن ۾ امدادي ڪمن جو جائزو *سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي 5 لک ايڪڙ ايراضي تي پاڻي بيٺل آهي: بريفنگ *اسان پاڻي نيڪال وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: سيڪريٽري ايريگيشن *ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ضرور پاڻي نيڪال ٿيڻ گهرجي: سيد مراد علي شاهه *
  • *راولپنڊي: بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اپيلن جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي *ڪيس جي پنجن ئي جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم *سي پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار *
  • *ڏهرڪي: صفائي عملي پاران پگهارون نه ملڻ ۽ سينيٽري انسپيڪٽر کي هٿڪڙيون لڳڻ خلاف احتجاج *ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي: صفائي عملو *سينيٽري انسپيڪٽر کي بيگناهه هٿڪڙيون هڻايون ويون: صفائي عملو*
  • * جروار:ڪپهه جو فصل تباهه ٿيڻ ۽نقلي زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف احتجاج *جروار يوٿ فورم جي سڏ تي واجد گبول جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪري گشت *ڊيلرن نقلي ٻج ۽زرعي دوائون ڏيئي غريب آبادگارن جو فصل تباھ ڪيو آھي: اڳواڻ *
  • *ڪنڌڪوٽ:ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري *ڪنڌڪوٽ: جوا هلائڻ جي الزام ۾ هيڊ محرر ثناءُالله ڏاهاڻي رورٽ ۽ معطل *ڪنڌڪوٽ: 6پوليس اهلڪارن کي منٿلي اوڳاڙي تان ڪوارٽر گارڊ ڪيو ويو*

حيدرآباد ۾ زال کي مبينا طلاق ڏئي ساليءَ سان شادي ڪندڙ همراهه عدالت مان ڀڄي ويو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد زال کي مبينا طلاق ڏئي ساليءَ سان شادي ڪندڙ جوابدار جي ڪيس ختم ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جوابدار ساليءَ کي عدالتي احاطي ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو، پوليس ناري کي تحويل ۾ وٺي دارلاامانموڪلي ڇڏيو. دادو جي شجاع آباد واري علائقي سان تعلق رکندڙ مسمات اريج مستوئي ۽ خالد وگهيو وڪيل ساجد علي گوپانگ معرفت مائٽن پاران داخل ڪرايل اغوا جو ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ درخواست ڏني، جنهن ۾ انهن ايس ايس پي دادو، ايس ايڇ او اي سيڪشن، ايس ايڇ او ڪينٽ حيدرآباد سيد محبوب شاهه، محمد قاسم مستوئي، قادر مستوئي ۽ عبدالرئوف کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ته هنن پنهنجي پسند سان شادي ڪئي آهي. کيس ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي. ٻڌڻي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس راشده اسد تي مشتمل ڊويزن بئنچ ڪئي. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته خالد وگهيو پنهنجي پهرين زال بلقيس کي طلاق ڏئي ان جي ڀيڻ اريج سان شادي ڪئي ته اريج جي ڀاءُ محمد قاسم مٿس اي سيڪشن ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو، پوليس خالد سميت ڪيس ۾ نامزد چئن جوابدارن جي ڳولا پئي ڪري ان لاءِ ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران اوچتو جوابدار جي اڳوڻي زال بلقيس مستوئي وڪيل فخر الدين ڏهراج ۽ ڀائرن سميت عدالت ۾ پهچي آگاهي ڏني ته سندس مڙس خالد وگهيو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. هن کيس طلاق نه ڏني آهي ۽ آئون سندس ٻار جي ماءُ ٿيڻ واري آهيان، مڙس آگسٽ ۾ مائٽن وٽ ڇڏي ويو ۽ 17 آگسٽ 2020ع تي ساٿين سميت ڪاهه ڪري ننڍي ڀيڻ اريج کي اغوا ڪري ويو آهي ۽ هاڻي کيس ورغلائي شادي ڪرڻ ٿو چاهي. عدالت اهڙو موقف ٻڌڻ بعد تحفظ وارو آرڊر واپس وٺندي ڪيس داخل ڪرڻ واري درخواست رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته جوابدار عدالت ۾ پنهنجي سالي اريج کي ڇڏي فرار ٿي ويو، عدالت حڪم ڏنو ته ناريءَ کي بيان لاءِ ٻيهر پهرين آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.