تازا ترين
  • *ميهڙ پوليس جي ڪارروائي: واپاري جي گهر ۾ لڳل ڌاڙي ڪيس ۾ 2 جوابدار گرفتار*
  • *ڀان سيد آباد ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران هڪ شخص مبينا طور دل جو دورو پوڻ سبب فوت*
  • ڪراچي: سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن دوران هڪ ڄڻو فوت، ماءُ ۽ پٽ سميت 8 ڄڻا زخمي * سنڌڙي جي علائقي ھڱورنو وٽ اوور لوڊ هئڻ سبب رڪشا ڪلٽي، ڳوٺ مراد علي پھوڙ واسي پورھيت ناريو ڪولھي فوت * ٽنڊو محمد خان-بدين روڊ تي ٻارڻ اسٽاپ ويجهو تيز رفتار ڪار جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار ٻه نوجوان محمد عامر ۽ ذوالقرنين سخت زخمي * دولتپور صفن ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان رضا حسين ۽ سندس امڙ زينب خاتون زخمي * شاھپورچاڪر ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلز ۾ ٽڪر سبب پيرسن عورت ۽ ٻار سميت 4 ڄڻا سخت زخمي *
  • *مٺي: 12 ورهين جي نينگر مبينا طور معمولي ڳالهه تان گهروارن سان ناراض ٿي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو * ڳوٺ ڦل ترائي ۾ نينگر مهيش ڀيل مبينا ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو *
  • *ڦلهڏيون ۾ رورل هيلٿ سينٽر تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ واريون سهولتون نه ملڻ خلاف ڊاڪٽرز ۽ پي ايم اي طرفان احتجاج*
  • *خيرپور ۾ ملڪيت جي معاملي تان وڏي ڀاءُ هٿان ننڍو ڀاءُ قتل، جوابدار گرفتار*
  • * راڌڻ: روزاني پنھنجي اخبار نئون ڳوٺ جي رپورٽر خورشيد لاکير تي تشدد ڪندڙ ايس ايڇ او بھرام پنھور خلاف ڪيس داخل *
  • *اسلام ڪوٽ: ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي خدشي سبب ڪراچي ۾ فوت ٿيل ڪائونسلر جي گهرن کي پوليس پاران ڪڙو، شهر به بند * گذريل ڏينهن فوتي ڪائونسلر آڪاش منجياڻي جي وارثن اسلام ڪوٽ پهچي غريب شهرين ۾ امدادي سامان ورهايو هو * اسلام ڪوٽ: انتظاميا کي فوتي ۽ سندس گهرڀاتين جي ڪورونا وائرس بابت رپورٽ جو انتظار، رپورٽ اڄ شام ملڻ جو امڪان *
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب هن وقت تائين 42 هزار کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا، متاثرن جو انگ 8 لک کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 10 ڏينهن ٿي ويا: ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند*
  • *هن وقت تائين وائرس سبب پنجاب ۾ 9، سنڌ ۾ 8، ڪي پي ۾ 6، بلوچستان ۾ هڪ ۽ گلگلت بلتستان ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي چڪا*
  • *ڪورونا وائرس: ملڪ ۾ متاثرن جو انگ 2040 ٿي ويو*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ هادي بخش ۾ چورن هٿان ڀاڳيو قتل، 4 گهرڀاتي زخمي، ڳوٺاڻن پاران هڪ چور مبينا طور پوليس حوالي * نوراجا لڳ ڳوٺ ۾ 4مبينا چورن مزاحمت تي عبدالطيف ڀٽو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو * ايس ايڇ او بائيجي ٿاڻو پاران ڪو به چور حوالي ٿيڻ کان انڪار، ڳوٺاڻن جو احتجاج*
  • *ڪورونا وائرس سبب پوري دنيا ۾ فوتين جو انگ 42 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو * عالمي وبا جي ڪري معاشي صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي رهي آهي:ورلڊ بينڪ *ڪورونا وائرس سبب پوري دنيا متاثر، فوتين جي انگ ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو *

حيدرآباد ۾ اڳوڻي هيڊڪانسٽيبل جي چار سال قيد سزا معطل

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد رٽائرڊ پوليس اهلڪار کي مليل سزا وارو فيصلو معطل ڪندي سندس 10 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. لطيف آباد نمبر 9 جي ٽنڊو غلام حسين واري علائقي سان تعلق رکندڙ اڳوڻي هيڊ ڪانسٽيبل محمد يوسف خانزادي جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد سزا وارو فيصلو معطل ڪندي ضمانت عيوض آزادي جو حڪم ڏنو. خزاني واري آفيس ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن واري ريفرنس ۾ 20 ڊسمبر 2019ع تي احتساب عدالت جي جج انعام علي ڪلهوڙو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هيڊ ڪانسٽيبل محمد يوسف خانزادي کي 4 سال قيد ۽ هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. سزا خلاف جوابدار پنهنجي وڪيل عشرت علي لوهر معرفت عدالت ۾ اپيل داخل ڪرائي هئي. واضح رهي ته نيب ريفرنس ۾ مک جوابدار جي گهر مان 39 تولا سون، 38 لک 90 هزار رپيا روڪ رقم، 2 ڪروڙ ايراني ريال، 745 ريال سعودي ريال، 35 يو اي اي درهم مليا هئا، جڏهن ته جوابدار نيب چيئرمين کي 12.6 ملين پي آرڊر به جمع ڪرايا هئا. ساڳئي ڪيس ۾ عدالت جوابدار جي ٻن پٽن روينيو بورڊ جي اڳوڻي ڪلارڪ ارشاد يوسف خانزادو ۽ اڳوڻي پوليس ڪانسٽيبل عارف يوسف خانزادو ۽ ٻن بئنڪن جي اڳوڻن برانچ مئنيجرن سلمان علي عسڪري ۽ سيد شعيب حسن زيدي سميت چئن ڄڻن کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

Bookmark the permalink.