تازا ترين
  • *قاضي احمد ۾ پوليس طرفان لاڪ ڊائون جي مبينا ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ هڪ عطائي ڊاڪٽر گرفتار*
  • *سکر جَي جهنگلي جيوت کاتي طرفان گهوٽڪي فيڊر ۽ رائيس ڪئنال ۾ لهي ويل 2 انڌيون ٻلهڻيون پڪڙي واپس سنڌو درياهه ۾ ڇڏيون ويون*
  • جيڪب آباد: ڳوٺ غلام صابر کوسو ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي، هڪ ٻارڙو فوت، ٻيو زخمي
  • *ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ ميرس ڀرسان باهه لڳڻ سبب ٽن پورهيتن جا گهر سڙي ويا * ديهھ 282 ۾ باهه سبب محمد صالح شيخ، نديم ۽ مير محمد شيخ جي گهرن ۾ پيل اناج به سڙي رک *
  • *ڳڙهي خيرو: ڳوٺ پٺاڻ لهر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل *جوابدار جاويد لهر پنهنجي سئوٽ ليلان ۽ نوجوان فقير محمد لهر کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو*
  • *ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري مسافرن کي کڻي ويندڙ 51 گاڏيون پوليس قبضي ۾ وٺي ڇڏيون، ڊرائيورن تي ڪيس داخل *29 ڊرائيورن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا،گاڏين ۾ سوار مسافرن کي ڇڏيو ويو*
  • **پڊعيدن: نصرت ڪئنال مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش ھٿ **
  • *سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻارن ۽ عورتن سوڌو 12 زخمي*
  • *ٻانڌيءَ ويجهو سبزي کڻڻ لاءِ ويندڙ ٽرڪ اونڌي، 5 مزدور زخمي*
  • *ميهڙ ڀرسان عورت آپگهات جي ڪوشش دوران معصوم پٽ ماري ڇڏيو*
  • *رليف ڪميٽي طرفان گهرن تائين راشن پهچائڻ لاءِ مقامي نمائندن، عالمن ۽ استادن کان مدد وٺڻ جو فيصلو: عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل * اُميد آهي ته وفاق سياست بدران رليف جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندو، عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: امتياز شيخ *
  • *عالمي بئنڪ پاران ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان لاءِ 238 ملين ڊالرز جي امداد منظور * ورلڊ بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽرز پاران پاڪستان لاءِ امداد جي منظوري ڏني وئي * ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان 200 ملين ڊالرز ۽ طبي اوزارن ۽ سامان لاءِ اضافي 38 ملين ڊالرز منظور*
  • *ميرپورماٿيلو تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت: ڪورونا وائرس جي 2 مريضن کي ڊي ايڇ او اسپتال ڇڏيو ويو*
  • ** قمبر ۽ دادو ضلعن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ، فصلن کي نقصان، بجلي بند * جوهي:کيرٿر تي برسات کان پوءِ نئين گاج 5 فوٽ وھي آئي، ڪاڇي جا مختلف واهه به ڀرجي ويا**
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 53 هزار 238 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا*

حيدرآباد ۽ مٽياري جي مختلف علائقن مان تعلق رکندڙ 155 زائرين هالا پهتا، پنهنجن پيارن سان ملڻ وقت لڙڪ روڪي نه سگهيا

127 زائرين مان 115 زائرين سکر مان ڪليئرنس ملڻ بعد صبح سوير هالا پهتا

هالا (ن پ ا) حيدرآباد ۽ مٽياري جي مختلف علائقن مان تعلق رکندڙ 155 زائرين کي سکر کان پوليس جي نگراني ۾ هالا پهچايو ويو آهي، پنهنجن علائقن ۾ پهچڻ تي زائرين مٽن، مائٽن سان ڀاڪر پائي مليا، جن جي اکين مان لڙڪ لهي آيا. ضلعي مٽياري جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ 127 زائرين مان 115 زائرين سکر مان ڪليئرنس ملڻ بعد صبح سوير هالا پهچي ويا آهن. ايران کان واپس هالا ايندڙ قافلي جي اڳواڻي ڪندڙ سيد مير محمد شاهه ۽ مجاهد حسين شيخ ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته ايران کان موٽڻ تي ڪرونا جي وائرس جي شڪ جي بنياد تي 20 ڏينهن اڳ تافتان کان سکر منتقل ڪيو ويو هو. هنن چيو ته ضلعي مٽياري جي مختلف علائقن جي رهندڙ 127 زائرين مان 12 زائرين ڀٽ شاهه ۽ سانگهڙ سان تعلق رکندڙ هئا جن کي ڪرونا ٽيسٽ هجڻ تي کين علاج لاءِ سکر سينٽر تي رکيو ويو ۽ 115 زائرين کي سکر کان واپس پنهنجن گهرن ڏانهن موڪليو ويو آهي. سکر کان پهتل زيارتين ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا شامل هئا، زائرين جو ھالا بس اسٽاپ تي پهچڻ تي سندن مٽن مائٽن سان ڀاڪر پائي مليا، زائرين جي ملڻ وقت سندن اکين مان لڙڪ لهي آيا ۽ گهر پهچڻ تي خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي. هوڏانهن سکر ۾ قائم قرنطينه سينٽر مان زائرين کي ڪليئر قرار ڏيڻ کانپوءِ حيدرآباد سان تعلق رکندڙ زائرين کي به هڪ بس ذريعي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي، جن جي ٻيهر اسڪريننگ ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سکر قرنطينه سينٽر کان ايندڙ زائرين جي ڪوهسار اسپتال ۾ ٻيهر اسڪريننگ ڪئي ويندي ۽ اسڪريننگ ۾ ڪليئرنس اچڻ بعد زائرين کي پنهنجي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويندو. ذريعن موجب سکر کان ايندڙ بس ۾ زائرين جو تعداد لڳ ڀڳ 40 آهي جن جو تعلق حيدرآباد سان ئي آهي، جن کي ڪورونا وائرس جي خدشي سبب سکر قرنطينه سينٽر ۾ رکيو ويو هو.

Bookmark the permalink.