تازا ترين
  • *قاضي احمد ۾ پوليس طرفان لاڪ ڊائون جي مبينا ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ هڪ عطائي ڊاڪٽر گرفتار*
  • *سکر جَي جهنگلي جيوت کاتي طرفان گهوٽڪي فيڊر ۽ رائيس ڪئنال ۾ لهي ويل 2 انڌيون ٻلهڻيون پڪڙي واپس سنڌو درياهه ۾ ڇڏيون ويون*
  • جيڪب آباد: ڳوٺ غلام صابر کوسو ۾ گهر جي ڀت ڪري پئي، هڪ ٻارڙو فوت، ٻيو زخمي
  • *ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ ميرس ڀرسان باهه لڳڻ سبب ٽن پورهيتن جا گهر سڙي ويا * ديهھ 282 ۾ باهه سبب محمد صالح شيخ، نديم ۽ مير محمد شيخ جي گهرن ۾ پيل اناج به سڙي رک *
  • *ڳڙهي خيرو: ڳوٺ پٺاڻ لهر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ناري ۽ نوجوان قتل *جوابدار جاويد لهر پنهنجي سئوٽ ليلان ۽ نوجوان فقير محمد لهر کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو*
  • *ڪراچي ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪري مسافرن کي کڻي ويندڙ 51 گاڏيون پوليس قبضي ۾ وٺي ڇڏيون، ڊرائيورن تي ڪيس داخل *29 ڊرائيورن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا،گاڏين ۾ سوار مسافرن کي ڇڏيو ويو*
  • **پڊعيدن: نصرت ڪئنال مان تازي ڄاول ٻارڙي جو لاش ھٿ **
  • *سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت، ٻارن ۽ عورتن سوڌو 12 زخمي*
  • *ٻانڌيءَ ويجهو سبزي کڻڻ لاءِ ويندڙ ٽرڪ اونڌي، 5 مزدور زخمي*
  • *ميهڙ ڀرسان عورت آپگهات جي ڪوشش دوران معصوم پٽ ماري ڇڏيو*
  • *رليف ڪميٽي طرفان گهرن تائين راشن پهچائڻ لاءِ مقامي نمائندن، عالمن ۽ استادن کان مدد وٺڻ جو فيصلو: عوام کي گهرن ۾ رهڻ جي اپيل * اُميد آهي ته وفاق سياست بدران رليف جي معاملي ۾ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندو، عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين: امتياز شيخ *
  • *عالمي بئنڪ پاران ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان پاڪستان لاءِ 238 ملين ڊالرز جي امداد منظور * ورلڊ بئنڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽرز پاران پاڪستان لاءِ امداد جي منظوري ڏني وئي * ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان 200 ملين ڊالرز ۽ طبي اوزارن ۽ سامان لاءِ اضافي 38 ملين ڊالرز منظور*
  • *ميرپورماٿيلو تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽر جي مبينا غفلت: ڪورونا وائرس جي 2 مريضن کي ڊي ايڇ او اسپتال ڇڏيو ويو*
  • ** قمبر ۽ دادو ضلعن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهينءَ وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ، فصلن کي نقصان، بجلي بند * جوهي:کيرٿر تي برسات کان پوءِ نئين گاج 5 فوٽ وھي آئي، ڪاڇي جا مختلف واهه به ڀرجي ويا**
  • *پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 53 هزار 238 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا*

حيدرآباد: ڊي سي ڪمپائونڊ بنگلي مان زڪوات آفيس ختم ڪرڻ لاءِ ٻيهر نوٽيس

ضلعي انتظاميا۽مختيارڪارسٽي جي نوٽيس بعدزڪوات کاتي جي عملدارن۾بيچيني پکڙجي وئي

آفيس خالي ڪرائڻ کان پهرين کين متبادل فراهم ڪريو

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) مختيارڪار سٽي ڊي سي ڪمپائونڊ ۾ قائم بنگلو خالي ڪرائڻ لاءِ ضلعي زڪوات عملدارن کي ٻيو ڀيرو نوٽيس جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته اهو بنگلو ڊپٽي ڪمشنر حيدراباد عائشه ابڙو 4 نومبر 2019ع دوران ڊي سي آفيس جي سپرنٽينڊنٽ نمبر هڪ کي الاٽ ڪيو هو، ان لاءِ فوري طور تي اوهان آفيس ختم ڪري بنگلي مان سامان ٻاهر ڪڍو ته جيئن اسان اهو بنگلو سپرنٽينڊنٽ جي حوالي ڪريون. ضلعي انتظاميا ۽ مختيارڪار سٽي جي نوٽيس بعد زڪوات کاتي جي عملدارن توڙي ملازمن ۾ بيچيني پکڙجي وئي آهي ۽ هو آفيس خالي ڪرڻ کان انڪاري آهن. سندن چوڻ آهي ته انهن کي متبادل آفيس ڏني وڃي جنهن کانپوءِ هو بنگلو خالي ڪندا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ضلعي زڪوات آفيسر رفيق بلوچ ٻڌايو ته ڄاڻايل بنگلو 1998ع ۾ ان وقت جي ڪمشنر زڪوات آفيس قائم ڪرڻ لاءِ ڏنو هو جنهن کي ضلعي انتظاميا پاران خالي ڪرائڻ بابت هن سيڪريٽري عشر ۽ زڪوات سنڌ توڙي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر عشر ۽ زڪوات کي ليٽر لکي سموري صورتحال کان آگاهي ڏني آهي جڏهن ته انهن ڪمشنر توڙي ڊي سي حيدرآباد کي به ليٽر لکيو آهي ته سندن آفيس خالي ڪرائڻ کان پهرين کين متبادل آفيس فراهم ڪئي وڃي ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل آفيس ۾ عشر ۽ زڪوات کاتي کان ماهوار توڙي سالانو وظيفو وٺندڙ هزارين مستحق ماڻهن توڙي کاتي پاران مليل فنڊن بابت رڪارڊ پيل آهي، جيڪڏهن هو آفيس خالي ڪندا ته 22 سالن جو رڪارڊ دربدر ٿي ويندو. هن چيو سندن آفيس ۾ موجوده وقت ۾ 10 سرڪاري ملازم ۽ 27 عاملين ڪانٽريڪٽ طور ملازم ڪم پيا ڪن، جيڪڏهن متبادل آفيس نه ملي ته اهي ڪٿي ويهندا.

Bookmark the permalink.